25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيب بدعنوان سرڪاري آفيسرن جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب غير قانوني تعمير لاءِ نقشا پاس ڪرڻ ۾ ملوث سي ڊي اي آفيسرن خلاف گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪندي شاپنگ مال بدعنواني ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ شاپنگ مال بدعنواني ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. جن آفيسرن خلاف ريفرنس جي منظوري ڏني وئي آهي، انهن ۾ سي ڊي اي جا 3 اڳوڻا ڊپٽي ڊائريڪٽر غلام مرتضيٰ، خليل احمد ۽ محمد عمار شامل آهن، جڏهن ته سي ڊي اي جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر خادم حسين خلاف به ريفرنس جي منظوري ڏني وئي، جن تي اضافي ماڙون تعمير ڪرڻ لاءِ غير قانوني نقشا پاس ڪرڻ جو الزام آهي، ان سان گڏوگڏ اڳوڻي ڊي جي گليات ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين خلاف به ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، طارق حيات ۽ ٻين تي گليات جي قيمتي زمين غير قانوني طور الاٽ ڪرڻ جو الزام مڙهيو ويو آهي، جن قومي ناڻي کي 90 ملين رپين جو نقصان پهچايو. نيب ايگزيڪيوٽو اجلاس ۾ اڳوڻي مئنيجنگ ڊائريڪٽر واٽر اينڊ سينيٽيشن خلاف به ريفرنس جي منظوري ڏني وئي، الزام هيٺ آيل حامد لطيف رانا ۽ ٻين خلاف بدعنواني ريفرنس داخل ڪيو ويندو، مٿن قومي ناڻي کي 337 ملين رپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي. اجلاس ۾ اضافي اثاثن تي اڳوڻي ايم اين ايز مدثر قيوم ۽ اظهر قيوم خلاف به جاچ جو حڪم ڏنو ويو، جڏهن ته بلوچستان جي اڳوڻي ناڻي واري سيڪريٽري محفوظ خان ۽ يونائيٽيڊ انشورنس ڪمپني پاڪستان لميٽيڊ جي ڊائريڪٽرز خلاف به جاچ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ بدعنواني جي الزام هيٺ حفيظ الرحمان ۽ سيد قاسم شاهه، سرحد ڊولپمينٽ اٿارٽي جي آفيسرن، سيپڪو جي ڊپٽي مئنيجر احمد سومري ۽ اهلڪارن، جڏهن ته پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ جي آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف به جاچ جي منظوري ڏني وئي، مٿن غير قانوني انڊسٽريل اسٽيٽ ۽ انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ لاءِ منظوري جو الزام آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے