24 آچر , جون 2018

ملڪ کي عمران خان جهڙي ايماندار ليڊر جي ضرورت آهي: پرويز خٽڪ

صوبي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته اسلام جي نالي تي ووٽ وٺي عوام کي ورغلايو ويو، اسان جي حڪومت سود جو خاتمو ۽ ڏاج بابت قانون سازي ڪئي. صوابي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته اسان جي حڪومت اچڻ کان اڳ ادارا تباهه هئا، اقتدار ۾ اچي اسان نظام کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته ملڪ ۾ افراتفري پکڙيل آهي، بيورو ڪريسي به حڪومت جو چوڻ نه پئي ڪري، اهڙي صورتحال ۾ ملڪ ڪيئن هلندو. سندس چوڻ هو ته ڦورن ۽ چورن جي ڪري سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو بدنام ٿيو، ملڪ کي عمران خان جهڙي ايماندار ليڊر جي ضرورت آهي، پاڪستان جو ايندڙ وزيراعظم عمران خان هوندو. 27

هي به ڏسي سگهو ٿا

تڪراري اينڪر عامر لياقت پاران ٻي شادي ڪرڻ جو انڪشاف

 ڪراچي( ويب ڊيسڪ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا  جي تاريخ ۾ تڪراري رهندڙ   ٽي وي اينڪر  ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے