25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

رپورٽ : ٿر جي رهواسڻ سينيٽر ڪرشنا ڪماري ڪولهي جي زندگي تي نظر

*ڏڪاريل ڏيهه ٿر سان تعلق رکندڙ نياڻي ڪرشنا ڪماري ملڪ جي اعليٰ ايوان جي ميمبر بڻجي وئي آهي .

ڪرشنا ڪماري ڪولهي 1  فيبروري 1979 ۾ ننگر پارڪر جهڙي پٺتي پيل علائقي جي هڪ ڳوٺ ۾ جنم ورتو .

ڪرشنا ڪماري ابتدائي تعليم عمر ڪوٽ ۽ ميرپور خاص مان حاصل ڪئي 1994 ع ۾ جڏهن ڪرشنا جي ڄمار16 ورهيه  هئي ۽  هو نائين ڪلاس جي شاگردياڻي هئي ته سندس شادي ڪرائي وئي.

ڪرشنا ڪمار شادي بعد به پنهنجي تعليم کي جاري کيو ۽ مادر عملي مان سوشالاجي جي مضمون ۾ 2013 ع ڌاري ماسٽر جي سند حاصل ڪئي.

ڪرشنا ڪولهي جو تعلق سنڌ جي ارڏي ۽ اڏول ڪرادار شهيد روپلو ڪولهي جي ڪٽنب سان آهي.

سنڌ جي جنگجو ۽ مزاحمتي سورمي طور سڃاتي ويندڙ شهيد روپلي ڪولهي جي ڪٽنب سان تعلق هجڻ سبب سندس رڳن ۾ سدائين جدوجهد ۽ مزاحمت جو رت ڇوليون هڻندو رهي ٿو.

سنڌ جي هن بهادر نياڻي  ۽  سندس ڪٽنب ڀوتارن جي خانگي جيل ۾ قيد ڪاٽيو ۽ سندن ظلم جي چڪي ۾ پيسجي ظلم کي برداشت ڪيو ۽ ان کي اکين سان به ڏٺو.

سنڌ جي هي بهادر نياڻي هاڻي پاڪستان جي سڀ کان وڏي ايوان سينيٽ جي ميمبر بڻجي چڪي آهي ته هاڻي سموري سنڌ خاص ڪري ڪاري سون جي زخيرن سان ٽمٽار ٿر جي اذيتن واري زندگي گهاريندڙ ماروئڙن جي چهرن تي مرڪون وريون آهن .

ٿر جي بي پهچ ۽ مسڪين ماڻهو جيڪي زندگي جون  سهولتون ته پري جي ڳالهه پر پيئڻ جي صاف پاڻي کان به محروم آهن، انهن جي اندر ۾ هڪ اميد پيدا ٿي آهي ته شايد هاڻي سندن مسئلا حل ٿين .

جيتوڻيڪ ڪرشنا ڪماري سينيٽر بڻجي ملڪ جي سڀ کان اعليٰ ايوان ۾ پهچي ٿري ويس پهري پنهنجي عهدي جو قسم کنيو پر ٿر جو ٿوهر  ۽ پيرن سان ٽمٽار ڄال ۽ ڪارونجهر جي اوچي چوٽي تي ناچ ڪندڙ مور ۽ ڀوتارن جي دهشت جو نشانو بڻجي ناپيد ٿيل هرڻ کي اهو به خدشو آهي ته ڪٿي ڪرشنا اسلام آباد جي ٿڌين هوائن ۾ کين وساري نه ويهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے