24 آچر , جون 2018

جناح اسپتال ڪراچي مان جعلي ڊاڪٽرياڻي گرفتار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي پوليس جناح اسپتال جي گائني وارڊ مان جعلي ڊاڪٽر کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ايس پي صدر توقير نعيم ٻڌايو ته جناح اسپتال ڪراچي ۾ ٻارڙن جي وارڊ جي عملي جي نشاندهي تي پوليس جعلي ڊاڪٽر کي گرفتار ڪيو آهي. پوليس موجب جوابدار عورت جو نالو عائشه آهي جيڪا ميٽرڪ پاس آهي ۽ ڪورنگي جي رهواسڻ آهي. ايس پي صدر توقير نعيم ٻڌايو ته جڏهن پوليس ڇاپو هنيو ته عائشه اڇو ڪوٽ پهري گائني وارڊ ۾ موجود هئي، تلاشي دوران سندس بيگ مان اسٽيٿوا سڪوپ، بلڊ پريشر چيڪ ڪرڻ وارو  اوزار ۽ دوائون به هٿ ڪيون ويون آهن. پوليس موجب عورت تي غير قانوني آپريشنز ۾ ملوث هئڻ جو به شڪ آهي، جڏهن ته ٻارڙن جي اغوا ۾ ملوث هئڻ جو به شڪ آهي. توقير نعيم جو چوڻ آهي ته ايم بي بي ايس جي ڊگري تي پري جي ڳالهه آهي پر ليڊي هيلٿ ورڪر جو به ڪو سرٽيفڪيٽ ناهي. جعلي ڊاڪٽر خلاف وومين ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان اختلافن بابت جلد قوم کي حقيقت ٻڌائيندس: چوڌري نثار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته مان نه پي ٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے