24 آچر , جون 2018

بالي ووڊ شهنشاهه اميتاب بچن فلم جي عڪسبندي دوران بيمار ٿي پيو

جوڌپور(شوبز نيوز) بالي ووڊ شهنشاهه بگ بي اميتاب بچن فلم ”ٺگز آف هندوستان جي شوٽنگ دوران بهوش ٿي ويو. 75 ورهين جو بالي ووڊ ليجنڊ اداڪار اميتاب بچن اڄ ڪلهه پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”ٺگز آف هندوستان“ جي عڪسبندي لاءِ ڀارتي رياست راجسٿان جي گادي واري شهر جوڌپور ۾ موجود  آهي. پنهنجي صحت خراب ٿيڻ جي حوالي سان سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ڊگهي بلاگ هن لکيو ته روشن صبح بعد هڪ ڊگهي ڏينهن جي شروعات ٿي وئي آهي، ڪجهه ماڻهن کي زندهه رهڻ لاءِ ڪم ۽ سخت محنت ڪرڻ جي ضروت هوندي آهي. هن لکيو ته ”ٺگز آف هندوستان“  جي شوٽنگ ۾ مصروف آهيان ۽ ٽيم سان گڏ ڪافي سينن جي عڪسبندي ڪرائي آهي. هن بلاگ پوسٽ ۾ جوڌپور شهر ۾ رات جو ڪڍرايل تصوير به شئير ڪئي ۽ ان سان گڏ لکيو ته گرمي ۽  وزني ڪاسٽيوم پائڻ سبب جسم ۾ سخت ٿڪاوٽ محسوس ڪري رهيو آهيان انڪري هاڻ آئون آرام ڪندس. بگ بي ٻڌايو ته سندس چيڪ اپ  لاءِ ممبئي مان ڊاڪٽرن جي ٽيم اچي رهي آهي.ٻئي پاسي ڀارتي خابرو اداري ايشين نيوز انٽرنيشنل(اي اين آءِ) موجب بگ بي جي چيڪ اپ لاءِ ممبئي مان ڊاڪٽرن جي ٽيم جوڌپور پهچي چڪي آهي.هوڏانهن هوٽل انتظاميا جو چوڻ آهي ته اميتاب بچن جي طبعيت ناسازآهي، سندس چيڪ اپ لاءِ ممبئي مان ڊاڪٽرن جي ٽيم پهچي چڪي آهي. هوٽل ذريعن موجب اهو ممڪن آهي ته جوڌپور ۾ سخت گرمي ۾ وزني ڪپرا پهرڻ سبب بگ بي اميتاب بچن جو جسم ٿڪاوٽ جو شڪار ٿي ويو آهي، جنهن سبب هو سخت ٿڪاوٽ ۽ سور محسوس ڪري رهيو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

A lot of discussion was discussed on the matter of changing the name: Sonam Kapoor

نالو تبديل ڪرڻ واري معاملي تي آنند سان ڪافي بحث ٿيو: سونم ڪپور آهوجا

ممبئي(ويب ڊيسڪ) باليووڊ اداڪارا سونم ڪپور چيو آهي ته نالو تبديل ڪرڻ واري معاملي تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے