24 آچر , جون 2018

پارليامينٽ جو منهن ڪارو ٿيو، اڄ ذوالفقار علي ڀٽو شهيد ٿي ويو:حڪمران اتحاد

اسلام آباد (م ڊ) حڪمران اتحاد سينيٽ چونڊن ۾ شڪست تي هارس ٽريڊنگ جا الزام لڳايا آهن. حاصل بزنجي چيو آهي ته ثابت ٿيو ته پارليامينٽ جو منهن ڪارو ڪيو ويو. طاقتور قوتون پارليامينٽ کان طاقتور ثابت ٿيون، سينيٽ چونڊن بعد ايوان ۾ خطاب ڪندي حاصل بزنجي چيو ته رضا رباني کي چيو ويو ته اهو مسلم ليگ ن جو اميدوار آهي. جيڪڏهن پ پ رضا رباني کي نامزد ڪري ڪامياب ڪري ها ته اها ڀٽي ۽ بينظير جي ڪاميابي ٿئي ها. راجا ظفرالحق ايوان ۾ ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئين ۽ قانون تحت نه هلائڻ خراب روايت آهي، نئين چيئرمين سان سهڪار ڪنداسين. هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي محمود خان اچڪزئي چيو ته هو صادق سنجراڻي کي سينيٽ چيئرمين نه ٿو مڃي، اهڙي طريقي سان ته پنهنجي ڀاءُ کي به ووٽ نه ڪندس ۽ نه مڃيندس. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڄ ڀٽو شهيد ٿي ويو. پارليامينٽ هارائي وئي. هڪ ٻئي کي چور چوندڙ گڏ ٿي ويا. طلال چوڌري چيو ته نواز ليگ هارائڻ باوجود کٽي وئي. صادق سنجراڻي کي ڀرتي ڪيو ويو آهي. عثمان ڪاڪڙ چيو ته رضا رباني ڪمزور سينيٽ کي دنيا جي وڏن ايوانن جي صف ۾ آندو. هوڏانهن مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اڄ جمهوريت جي شڪست ٿي، دٻاءُ باوجود اتحادين سان گڏ رهياسين. ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق سينيٽ چيئرمين جي چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ جو الزام هڻي ڇڏيو، خواجا سعد رفيق الزام لڳايو ته سينيٽرن کي وفاداريون تبديل ڪرائڻ لاءِ اڻڄاتل هنڌ اماڻيو ويو، اهڙي ماڻهوءَ جي حمايت ڪئي پئي وڃي، جنهن جي سياسي ڪردار جي ڪنهن کي به خبر ناهي. ريلوي واري وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته آصف زرداري ۽ عمران جيڪا راند کيڏي رهيا آهن اها جمهوريت ڪش آهي، هن چيو ته ڪالهه سينيٽرن سان ملڻ ويس ته خبر پئي ته اهو اڻڄاتل  هنڌ تي ويل آهن. 0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊالر مهانگو ٿيڻ سبب اڳ ۾ ئي مهانگي ٿيل اخباري ڪاغذ جو اگهه ٽيڻ تي وڌي ويو: بحران ۾ ورتل اخباري صنعت لاءِ نئون گهوٽالو

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان ۾ اخباري صنعت اڳ ئي مالي بحران جو شڪار هئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے