25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نواز شريف کي جوتو هڻندڙ جوابدار 14 ڏينهن جي ريمانڊ تي جيل حوالي

لاهور (بيورو) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف تي جوتو اڇلائيندڙ ٽنهي جوابدارن کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل تي موڪليو ويو آهي. جوڊيشل مئجسٽريٽ زرتاشه بگٽي جي عدالت اڳوڻي /وزيراعظم نواز شريف تي جوتو اڇلائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. قلعي گجر ٿاڻي جي پوليس ٽنهي جوابدارن عبدالغفور، منور حسين ۽ محمد ساجد کي عدالت ۾ پيش ڪيو. جوابدارن جي پيشيءَ وقت عدالت ۾ حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا هئا. ٻڌڻي دوران پوليس جوابدارن کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جي درخواست ڪئي جنهن کي عدالت منظور ڪندي ٽنهي جوابدارن کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان تي جوتا اڇلائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. نواز شريف تي جوتو اڇلائيندڙ جوابدارن خلاف قلعا گوجر خان ٿاڻي تي اي ايس آءِ اڪبر جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ جوابدارن منور، عبدالغفور ۽ محمد ساجد کي نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ 16 ايم پي او، 506 ۽ 355 جون شقون شامل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته متن ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن نواز شريف جي شهريت خراب ڪرڻ لاءِ حملو ڪيو، کيس جوتو ڪلهي ۽ سيني تي لڳو. ٻئي طرف فيصل آباد ۾ عمران خان تي حملي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار مرزا رمضان خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب جوابدار مرزا رمضان خلاف سرگوڌا روڊ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ جاچ جاري آهي. 41

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ-ڀارت جنگ جو سوچڻ به بيوقوفي آهي، ن ليگ حڪومت ۾ شامل سڀ جيل ويندا: فواد چوڌري

اسلام آباد ( م ڊ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير  فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے