25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڪمند آبادگارن کي مل مالڪن هٿان 24 اربن جو نقصان، ڪڻڪ به 220 رپيا مڻ سستي خريد

حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو)  ڪمند جي آبادگارن سان اگهه جي معاملي ۾ ناانصافي ختم نه ٿي، عدالتي حڪم کي مهينو گذرڻ باوجود مل مالڪن 160 روپيا في مڻ اگهه نه ڏنو، جنهن سبب آبادگارن کي 24 ارب کان وڌيڪ نقصان ٿي چڪو، سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير احمد ٽالپر حيدرآباد پريس ڪلب ۾ جنرل سيڪريٽري محمد انوار، جاويد رياض، خالد قائمخاني ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت، پاسما ۽ شگرمل مالڪن جي ملي ڀڳت ڪري هن وقت تائين ڪمند جي آبادگارن کي 24 ارب روپين کان وڌيڪ جو نقصان ڏنو ويو آهي، آڪٽوبر ۾ ڪريشنگ شروع ڪندڙ ملون ڊسمبر ۾ ڪجهه ڏينهن هلڻ بعد بند ڪري جنوري کان ملون هلايون ويون، جنهن سبب آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو، جڏهن ته پاسما جي تجويز تي عدالتي حڪم باوجود آبادگارن کي 160 روپيا في مڻ ڪمند جو اگهه ڏيڻ بدران 130 روپيا في مڻ ڪمند خريد ڪيو پيو وڃي، جنهن سان آبادگارن کي 24 ارب روپين جو نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته ڪمند جي وزن تي ناجائز ڪٽوتي ڪري لکين روپين جو ٻيو به نقصان ڏنو پيو وڃي. هنن چيو ته وقت سر ڪمند جي ڪٽائي نه ٿيڻ ڪري زمين خالي نه ٿي سگهي آهي، جنهن ڪري مرچن ۽ ڦٽين جي پوکائي سخت متاثر ٿي رهي آهي، جنهن سان به مالي نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جو لابارو شروع ٿي چڪو آهي، جڏهن ته خريداري جا مرڪز اڃا تائين نه کلي سگهيا آهن، ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه 13 سئو 20 روپيا مقرر هجڻ باوجود آبادگار، واپارين کي 11 سئو روپيا في مڻ ڪڻڪ ڏيڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته هڪ طرف سنڌ حڪومت، شگرمل مالڪن جي ملي ڀڳت آهي ته ٻئي طرف پنجاب پاران سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي هڻڻ واريون ڪارروايون جاري آهن، سنڌ ۾ 60 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ هجڻ باوجود پنجاب سرڪار چشما جهلم جهڙا ڪئنال وهائي سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهي آهي، جڏهن ته اهي ڪئنال معاهدي موجب ٻوڏ واري صورتحال ۾ کوليا ويندا آهن، هن چيو ته سنڌ جي پڇڙي وارن علائقن ۾زرعي پاڻي ته پري رهيو لاش کي غسل ڏيڻ جي لاءِ به پاڻي اڻلڀ آهي. هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ نيب جي چيئرمين کي اپيل ڪئي ته سنڌ جي زراعت ۽ آبادگارن کي اربين روپين جو نقصان پهچائي اها رقم ڦٻائيندڙ بااثر ماڻهن جي جاچ ڪري انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ-ڀارت جنگ جو سوچڻ به بيوقوفي آهي، ن ليگ حڪومت ۾ شامل سڀ جيل ويندا: فواد چوڌري

اسلام آباد ( م ڊ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير  فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے