25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

قانون موجب اسحاق ڊار سينيٽ چونڊ نٿو وڙهي سگهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري وزير اسحاق ڊارجي سينيٽر بڻجڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتي روپوش قانون تحت اليڪشن نه ٿو وڙهي سگهي، ڇا ڪو فيصلو آهي ته عدالتي روپوش اليڪشن وڙهي سگهي ٿو ته پڙهي ٻڌايو وڃي، هاءِ ڪورٽ حق دعويٰ نه هئڻ سبب توهان جي درخواست خارج ڪئي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ اسحاق ڊار جي سينيٽر بڻجڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته مفرور شخص ڪيئن اليڪشن وڙهي سگهي ٿو. چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتي روپوش ڪهڙي قانون تحت اليڪشن نه ٿو وڙهي سگهي، ڇا ڪو فيصلو آهي ته عدالتي روپوش چونڊ وڙهي نه ٿو سگهي ته پڙهي ٻڌايو وڃي، اسحاق ڊار کي مفرور قرار ڏيڻ جو فيصلو ڏيکاريو وڃي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هاءِ ڪورٽ حق دعويٰ نه هئڻ تي توهان جي درخواست خارج ڪئي، ڇا هاءِ ڪورٽ ميرٽ کي نه ڏٺو. هن چيو ته ڇا ڪو فيصلو آهي ته عدالتي مفرور اليڪشن نه ٿو وڙهي، جيڪڏهن آهي ته پڙهي ٻڌايو وڃي. چيف جسٽس چيو ته نامزدگي ڪاغذن کي ڇنڊ ڇاڻ وقت چئلينج نه ڪيو ويو. عدالت بابر ستار کان پڇاڻو ڪيو ته توهان عدالتي معاون بڻجي سگهو ٿا، بابر ستار چيو ته عدالت مقرر ڪندي ته ضرور معاونت ڪندس. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته درخواست ۾ اٿاريل سوال قانوني اهميت رکي ٿي، عدالت بابر ستار کي عدالتي معاون مقرر ڪيو ۽ اسحاق ڊار کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪيو. سپريم ڪورٽ چيو ته اسحاق ڊار پاڻ يا وڪيل ذريعي پيش ٿي. عدالت ٻڌڻي 21 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. 41

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ-ڀارت جنگ جو سوچڻ به بيوقوفي آهي، ن ليگ حڪومت ۾ شامل سڀ جيل ويندا: فواد چوڌري

اسلام آباد ( م ڊ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير  فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے