24 آچر , جون 2018

عمران جي بلين ٽري سونامي، نواز شريف خلاف هيڪ ڪرپشن جي جاچ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) قومي احتساب بيورو (نيب) اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي آفيسرن خلاف هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد جي مبينه غير قانوني مقرري، بلين ٽريسونامي رٿا ۾ مبينه گهوٻين تي ڪي پي ڪي حڪومت جي لاڳاپيل اٿارٽيءَ خلاف شڪايت جي جاچ جو فيصلو ڪيو آهي. قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت ۾ هڪ اجلاس نيب هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي آفيسرن خلاف هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد جي مبينه غير قانوني مقرريءَ جي شڪايت جي جاچ جو فيصلو ڪيو آهي. اجلاس ۾ ڪي پي ڪي حڪومت جي لاڳاپيل اٿارٽيءَ خلاف بلين ٽري سونامي پراجيڪٽ ۾ مبينه گهوٻين جي جاچ پڙتال جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ نيب ۾ جاري راولپنڊي/اسلام آباد ۾ غير قانوني طور قائم نجي ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيز خلاف لاڳاپيل ادارن، سي ڊي اي، آر ڊي اَي ۽ آءِ سي ٽي طرفان غير قانوني طور تي قائم نجي ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيز خلاف ڪارروائي خصوصي طور تي عوام جي لُٽيل رقم جي واپسيءَ جي صورتحال ۽ نيب ۾ غير قانوني نجي ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيز خلاف جاري انڪوائرين ۽ انويسٽيگيشن تي هاڻي تائين جي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. نيب چيئرمين ڊي جي نيب راولپنڊيءَ کي هدايت ڪئي ته عوام جي سڄي ڄمار جي ڪل ڪمايل رقم جي واپسي نه رڳو يقيني بڻائڻ ۾ قانون موجب قدم کنيا وڃن پر نيب ۾ جاري سمورين انڪوائرين ۽ انويسٽيگيشنس کي وقت سر مڪمل ڪري بدعنوان عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي. نيب چيئرمين، سي ڊي اي، آر ڊي اي ۽ آءِ سي ٽي کي هدايت ڪئي ته اهي اٻوجهه ماڻهن کي غير قانوني نجي ۽ ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيز متعلق نه رڳو وقت سر جاڳرتا فراهم ڪن پر کين دوکي جو شڪار ٿيڻ نه ڏين.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊالر مهانگو ٿيڻ سبب اڳ ۾ ئي مهانگي ٿيل اخباري ڪاغذ جو اگهه ٽيڻ تي وڌي ويو: بحران ۾ ورتل اخباري صنعت لاءِ نئون گهوٽالو

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان ۾ اخباري صنعت اڳ ئي مالي بحران جو شڪار هئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے