24 آچر , جون 2018

1000 ڪروڙ ماليت جا اثاثا: جيا بچن امير ترين ڀارتي اسمبلي ميمبر قرار

ممبئي(ويب ڊيسڪ)  بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪارا ۽ سماج وادي پارٽي سان سلهاڙيل جيا بچن راجيا سڀا جي اميدوار جي حيثيت سان نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا، جمع ڪرايل فارم ۾ سندس ظاهر ڪيل اثاثن جي ماليت هڪ ڪروڙ رپياآهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب گذريل ڏينهن جيا بچن ڀارتي رياست اتر پرديش جي راجيا سڀا(رياستي اسمبلي) جي اميدوار جي حيثيت سان پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا جن ۾ هن جي ۽ سندس مڙس اميتاڀ بچن جي اثاثن جي ماليت ظاهر ڪئي وئي آهي. رپورٽن موجب اميتاڀ بچن جي اثاثن ۾ گذريل 6 سالن دوران ٻيڻ تي اضافو ٿيو آهي. جيا بچن طرفان داخل ڪيل ايفي ڊيوٽ موجب هن جي ۽ سندس مڙس جي تقريبن 460 ڪروڙ رپين ملڪيت جا مالڪ آهن جڏهن ته 2012 ۾ سندن وٽ 152ڪروڙ رپين جي ملڪيت هئي. ٻئي پاسي سندن ٻين اثاثن جي ماليت 540 ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي جيڪي 2012 ۾ 343 ڪروڙ رپيا هئي. جيا بچن طرفان جمع ڪرايل ڪاغذن مطابق هن جوڙي وٽ موجود طلائي سون جي قيمت گڏيل طورتي 62 ڪروڙ رپيا آهي. جن ۾ اميتاڀ بچن وٽ موجود سون جي شئن جي قيمت 36 ڪروڙ ۽ جيا بچن وٽ موجود سون جي قيمت 26 ڪروڙ رپيا آهي. بچن خاندان وٽ 12 مهانگيون گاڏيون آهن جن جي قيمت 13 ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي. اميتاڀ بچن کي گهڙيون پائڻ جو تمام گهڻو شوقين آهي ان ڳالهه جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو جو ٻنهين وٽ موجود گهڙين جي قيمت 3 کان 4 لک رپيا آهي. بالي ووڊ جي شهنشاهه  اميتاڀ وٽ موجود پين جي قيمت به 9 لک رپيا آهي. اميتاڀ ۽ جيا بچن جي نالي تي ممبئي، دهلي، نوئيڊا، ڀوپال، پوني، احمد آباد ۽ گانڌهي نگر کانسواءِ فرانس ۾ ملڪيت موجود آهي جنهن جي قيمت ڪروڙن ۾ آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

The tribe of Amjad Siddiqui was defeated for two years

قوال امجد صابري کي وڇڙي ٻه ورهيه وهامي ويا

ڪراچي(شوبز نيوز) مشهور قوال امجد صابري کي مداحن کان وڇڙي 2 ورهه وهامي ويا. امجد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے