25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سوشل ميڊيا اسٽار پريا پرڪاش جي خواب ساڀيان ماڻي ورتي

ممبئي(شوبز نيوز) سوشل ميڊيا تي مشهوري ماڻيندڙ خوبرو اداڪارا پريا پرڪاش جو بالي ووڊ سپر اسٽار رنوير سنگهه سان گڏ ڪم ڪرڻ وارو خواب پورو ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب هڪ ويڊيو جي ذريعي شهرت جي بلندين تي پهچندڙ مليالم اداڪارا پريا پرڪاش ڪجهه عرصو پهرين هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته اداڪار رنوير سنگهه سان گڏ ڪم ڪرڻ سندس سڀ کان وڏو خواب آهي، پر هاڻ سندس زندگي جو اهو خواب پورو ٿي رهيو آهي. پريا پرڪاش ادڪار رنوير سنگهه سان گڏ نئي فلم”سمبا“۾ اداڪاري ڪندي نظر ايندي.ميڊيا رپورٽن موجب هدايتڪار روهٽ شيٽي جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ فلم”سمبا“ ۾ اداڪارا پريا پرڪاش کي ڪاسٽ ڪيو ويو آهي، فلم ۾ اداڪارا مختصر پر اهم ڪردار ادا ڪندي نظر ايندي، ان ڪردار لاءِ پريا پرڪاش سان گڏ عاليه ڀٽ، شرڌا ڪپور، جهانوي ڪپور ۽ سارا علي خان جو نالو ورتو پئي ويو پر پريا پنهنجي مقبوليت سبب تمام اداڪارائون کي مات ڏيندي اهو ڪردار حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. واضح رهي ته پريا پرڪاش جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مقبوليت کي نظر ۾ رکندي ان ڪردار جي پيشڪش ڪئي وئي

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٺگس آف هندوستان ۾ عامر خان فرنگي ملاح جي روپ ۾ نظر ايندو

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي وڏي فلم” ٺگس آف هندوستان“ جو سڀني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے