25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

بلڊ پريشر چيڪ ڪرڻ وارو سمارٽ فون تيار

مشي گن (ويب ڊيسڪ)بلڊ  پريشر  جا مريض پنهنجي  رت جي پريشرگهٽ وڌ ٿيڻ جي ڪري فڪر مند رهندا آهن.هاڻي سمارٽ فون جي ذريعي به بلڊ پريشر ماپي سگهجي ٿو. مشي گن جي ماهرن هڪ اهڙو ڪيس(خانه) تيار ڪيو آهي جيڪو ڪنهن به سمارٽ فون جي پشت سان جڙي سگهير ٿو، هڪ سينٽي ميٽر ٿلهي هن ڪيس ۾ ڪيترائي سينسر لڳايا ويا آهن جيڪي اڱر اندر داخل ڪرڻ تي بلد پريشر جي خبر ۽ سمارٽ فون جي ايپ سان ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. ڪيس ۾ بلد پريشر ماپڻ وارو هڪ سينسر لڳايو ويو آهي جڏهن ته ان جي مٿان هڪ ٻيو آپٽيڪل سنسر لڳايو ويو آهي. استعمال لاءِ فون کي دل جي ويجهو آڻڻو پوندو. ان کان پوءِ انگشت شهادت کي سينسر تي رکي دٻائڻو پوندو. ان کان پوءِ فون جي ايپ بليو ٽوٿهه جي ذريعي ان دٻاءٌ کي ماپيندي ۽ دٻاءُ گهٽ يا وڌيڪ ٿيڻ جي صورت ۾ ڊسپلي جي ذريعي مريض کي درست دٻائڻ جي رهنمائي ڪري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Geo-identifier smartphone app in one hour

هڪ ڪلاڪ ۾ جيوڙن جي سڃاڻپ ڪندڙ سمارٽ فون ايپ

سانتا باربرا( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي ماهرن 100 ڊالرن جي هڪ سمارٽ فون ڪٽ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے