24 آچر , جون 2018

عاطف اسلم 35سالن جو ٿي ويو، مداحن طرفان نيڪ خواهشن جو اظهار

 

ڪراچي(شوبز نيوز) ناليوارو پاڪستاني ڳائيڻو عاطف اسلم 34 سالن جو ٿي ويو. پنهنجي خوبصورت ۽ سريلي آواز سان موسيقي جي دنيا تي راڄ ڪندڙ پاڪستان جو مشهور فنڪار ۽ اداڪار عاطف اسلم اڄ پنهنجي 34 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي.ان موقعي ته پاڪستان سميت ڀارتي مداحن طرفان نيڪ پيغامن جو سلسلو جاري آهي. 12 مارچ 1983 پنجاب جي شهر وزير آباد ۾ پيدا ٿيندڙ عاطف اسلم موسيقي جي دنيا ۾ پاڻ مڃائڻ بعد 2011 ۾ شعيب منصور جي فلم”بول“ کان اداڪاري جي شروعات ڪئي ۽ گلوڪاري سان گڏوگڏ ادڪاري جي ميدان به ڪاميابي حاصل ڪئي. پاڪستان ۽ ڀارت جا مداح کيس 34 هين سالگرهه تي نيڪ خواهشن جا پيغام موڪلي رهيا آهن. هڪ مداح طرفان عاطف اسلم کي خوبصورت انداز ۾ سالگرهه جون مبارڪون ڏيندي لکيو ته ان شخص کي سالگرهه مبارڪ جنهن جي آواز جي ڪابه سرحد ناهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

The tribe of Amjad Siddiqui was defeated for two years

قوال امجد صابري کي وڇڙي ٻه ورهيه وهامي ويا

ڪراچي(شوبز نيوز) مشهور قوال امجد صابري کي مداحن کان وڇڙي 2 ورهه وهامي ويا. امجد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے