25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

مشفق جو ڪُٽڪو، بنگلاديش رڪارڊ چيز ڪرڻ ۾ ڪامياب

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ملڪي ٽي 20 سيريز جي ٽين ميچ ۾ سخت مقابلي کانپوءِ سريلنڪا کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي وڏو ٽارگيٽ چيز ڪري رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي. ڪولمبو ۾ کيڏيل ميچ ۾ سريلنڪن ٽيم ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 214 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ڪوسل سلوا 74 ۽ ڪوسل مينڊس 57 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته اپل ٿرنگا 32 ۽ گناٿلاڪا 26 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ بنگلاديش جي ٽيم سخت مقابلي کانپوءِ 19.4 اوورن ۾ ٽارگيٽ پورو ڪري ميچ کٽي ورتي. مشفق الرحيم 35 بالن تي 4 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان ناٽ آئوٽ 72 رنسون ٺاهي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته تميم اقبال 47 ۽ لٽن داس 43 رنسن جي اننگز کيڏي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے