24 آچر , جون 2018

پورٽ ايليزبيٿ ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريقا جي پوزيشن مضبوط

پورٽ ايليزبيٿ(اسپورٽس نيوز) ٽئين ڏينهن ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 382 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، اهڙي طرح آسٽريليا مٿان 139 رنسن جي سرسي حاصل ڪئي، اي بي ڊي ويليئرز 126 رنسون ٺاهي ناقابل شڪست اننگز کيڏي. ڏکڻ آفريقا ٽئين ڏينهن پنهنجي نامڪمل اننگز جي شروعات 7 وڪيٽن جي نقصان تي 263 رنسن تان ڪئي ته اسٽار بيٽسمين اي بي ڊي ويليئرز 74 ۽ فلينڊر 14 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا. فلينڊر 36 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، مهاراج 30 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو جڏهن ته نگڊي 5 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿيو، اسٽار بيٽسمين اي بي ڊي ويليئرز 126 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. اهڙي طرح ڏکڻ آفريقا جي پوري ٽيم 382 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، آسٽريليا طرفان عثمان خواجا کانسواءِ ڪوبه بيٽسمين پروٽيز بالرن جو مقابلو نه ڪري سگهيا، 185 رنسن تي اڌ ٽيم پويلين موٽي وئي، ڏينهن جي پڄاڻي تي مچل مارش 39 ۽ وڪيٽ ڪيپر پين 5 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فٽبال ورلڊ ڪپ: ايراني عورتن کي ميچ ڏسڻ جي آزادي ملي وئي، نئين تاريخ رقم

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي فٽبال ٽيم اربع جي رات اسپين جي هٿان شڪست کاڌي پر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے