20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز | گهوٽڪي : سڱ  چٽي ڏنل ناري ماءُ پيءُ کي زهر ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو

گهوٽڪي ۾ وني ڏنل ناري پنهنجي والدين کي زهر ڏئي پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.

ناريءَ روبي شيخ والدين کي زهر ڏيڻ بعد پاڻ به زهر پي ڇڏيو، کين اسپتال داخل ڪيو، جتي ناري فوت ٿي وئي آهي.

ناري روبي شيخ جرڳي ۾ وني ڏيڻ وارو فيصلو ٻڌي والدين کي زهر ڏئي پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو.

ناري جي ڀاءُ سرفراز ٽي مهينا اڳ پيار جو پرڻو ڪيو هو، جنهن بعد هو قتل جي ڊپ کان ڪراچي ڀڃي ويو هو.

نوجوان جي ڀڃي وڃڻ بعد وڏيري ايوب شيخ جرڳي ڪري سرفراز جي ڀيڻ کي وني طور ڏيڻ ۽ ڏهه لک رپيا ڏنڊ ڀرڻ جو فيصلو ٻڌايو.

جرڳي جو فيصلو ٻڌي ناري روبي شيخ اهڙو قدم کنيو.

هوڏانهن پوليس جرڳو ڪندڙ وڏيري کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے