16 خميس , آگسٽ 2018

چيف سيڪريٽري 10سالن ۾ ڪجهه نه ڪيو آهي، ناڪامي تي به اشتهار ڏنو وڃي: چيف جسٽس

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار ليپ ٽاپ ۽ هيلٿ ڪارڊز اسڪيم تي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي تصوير شايع ڪرڻ جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو، سندس چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت 10 سالن دوران ڪجهه نه ڪيو آهي، کين پنهنجي ناڪامي تي به اشتهار ڏيڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ليپ ٽاپ اسڪيم ۽ هيلٿ ڪارڊز تي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي تصوير شايع ڪرڻ جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو. چيف جسٽس چيف سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته پئسو قوم جو آهي ۽ تصويرون شهباز شريف جون ڇو لڳايون پيون وڃن، چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته ليپ ٽاپ اسڪيم ۽ هيلٿ ڪارڊ  پنجاب جي وڏي وزير جي ڪوشش آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته ليپ ٽاپ اسڪيم تي ڪيترو خرچ آيو آهي، سياسي پارٽي پنهنجي پئسي مان مشهوري ڪري، عوام جي ٽيڪس مان نه، پنجاب جي وڏي وزير جي تصوير هر هنڌ ڇو نظر ايندي آهي، پهريون ماڻهو خاموشي سان خدمت ڪندا هئا هاڻي عوامي پئسن سان مشهوري ڪن ٿا.  چيف جسٽس چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته شهباز شريف کان تصوير ڇاپڻ تي وضاحت وٺي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. هن چيو ته نيب کي اشتهارن جي جاچ جو حڪم جاري ڪري سگهجي ٿو. سپريم ڪورٽ ۾ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ جي ٻڌڻي دوران عدالتي معاون ٻڌايو ته ملتان جو گندو پاڻي 297 ملين گيلن آهي، محمود بوٽي جي پلانٽ جي قيمت 9 ارب رپيه آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هي ماڻهن جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، اورنج ٽرين تي 180 ارب رپيه لڳايا ويا پر صحت تي نه لڳايا ويا، صحت ته توهان جي ترجيح آهي ئي نه، اسپتال نه وڃان ڇو نه وڃان، سروسز اسپتال ۾ ماڻهو دانهون ڪري رهيا آهن، پنجاب حڪومت گذريل 10 سالن ۾ ڪجهه نه ڪيو آهي، ناڪامي تي به اشتهار ڏنو وڃي. عدالت چيف سيڪريٽري کان گندي پاڻي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج جو واسطو نواز شريف سان نه پر انصاف سان هو: مصدق ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته احتجاج جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے