16 خميس , آگسٽ 2018

پاڪستاني ڌرتي ڪنهن خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين: اعزاز چوڌري

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير اعزاز چوڌري چيو آهي ته پاڪستاني ڌرتي ڪنهن خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. پاڪستاني سفير اعزاز چوڌري واشنگٽن ۾ آمريڪي صحافين جي 8 رڪني وفد سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستاني بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي شمار قربانيون ڏنيون آهن پر هاڻي پاڪستاني ڌرتي ڪنهن خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي بابت آپريشنز سبب معاشي حالتون هاڪاري آهن، پاڪستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال بهترين ۽ شاندار ٿي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته ڪامياب فوجي آپريشن سبب متاثر علائقا دهشتگردي کان پاڪ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته دهشتگردي کان پاڪ علائقن ۾ معاشي ۽ ترقياتي ڪم جاري آهي. اعزاز چوڌري چيو ته پاڪستان دهشتگردي ۽ ڪريل ارادن خلاف آهي پاڪستان بابت غلط تصور کي رد ڪري نئين انداز سان ڏسڻو پوندو.  هن چيو ته پاڪستان جي تبديلي ٿيندڙ حالتن ۾ هاڪاري سڃاڻپ سامهون آئي آهي ۽ آمريڪا سميت مختلف ملڪن سي پيڪ ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن، آمريڪا جڏهن به پاڪستان جو ساٿ ڏنو ته ٻنهي ملڪن جو فائدو ٿيو تنهن ڪري آمريڪا مان سٺن لاڳاپن جي اميد آهي. اعزاز چوڌري چيو ته افغانستان جي عدم استحڪام جو اثر پاڪستان تي پيو پر افغانستان جي مسئلي جو حل رڳو مقامي اسٽيڪ هولڊرن وٽ آهي جنهن لاءِ پاڪستان ڀائيوارن سان گڏجي افغانستان مسئلي جي حل ۾ مدد ڏيندو جڏهن ته ڏکڻ ايشيا جي امن لاءِ افغانستان جو استحڪام ضروري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج جو واسطو نواز شريف سان نه پر انصاف سان هو: مصدق ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته احتجاج جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے