25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

اسلام عورتن جي حقن جو محافظ آهي: سراج الحق

لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اسلام واحد دين آهي جيڪو عورتن جي حقن جو محافظ آهي، اسلام عورت کي وراثت جو حق ۽ ماءُ، ڀيڻ توڙي ڌيءُ جي روپ ۾ عزت ۽ احترام ڏئي ٿو. عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ سراج الحق چيو آهي ته عورتن لاءِ حضرت بي بي فاطما رضه ۽ حضرت عائشا رول ماڊل آهن، اولهه ۾ عورتن جو استحصال ڪيو ويو آهي، ايتري تائين جو معاشي ٻوجهه به عورت تي وڌو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته جاگيردار، وڏيرا ۽ سرمائيدار پنهنجي ملڪيت، اثاثا ۽ بئنڪ بيلينس ورهائجڻ جي خوف کان ڀينرن ۽ ڌيئرن کي وراثت کان محروم رکندا آهن، اسلام جيڪو عورت کي ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءُ جي رشتن جي حوالي سان احترام ڏنو آهي، ان جو مثال ڪنهن ٻئي مذهب ۽ تهذيب ۾ نٿو ملي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے