25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

شام جي صورتحال تي مسلم ملڪن کي جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي اهو نظر ناهي آيو: طاهر القادري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر محمد طاهر القادري شام جي صورتحال ۽ پيدا ٿيل انساني الميي تي گهري ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته شام ۾  وهيل بي گناهه انساني رت تي اسلام جي عالمن جي خاموشي تي دل رت روئي رهيو آهي، مسلمان ملڪن کي ان انساني الميي تي جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها اهو نظر ناهي آيو، شام ۾ عورتون، ٻار ۽ بزرگ انتهائي اذيت جوڳي صورتحال ۾ آهن، دوائن ۽ خوراڪ جو بحران شدت اختيار ڪري چڪو آهي، شام جي شهرين لاءِ پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ پرڏيهي کاتي جو به ڪو ڪردار نظر ناهي آيو جيڪا بي حسي آهي. اسلام آباد ميڊيا سيل موجب تحريڪ منهاج القرآن جي ڊائريڪٽر فارن افيئر جي ايم ملڪ سان ڳالهه ڪندي ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته اهي رپورٽن به ڪثرت سان ميڊيا جي زينت بڻجي رهيون آهن ته رڳو ماني جي ڪجهه ٽڪرن لاءِ شامي عورتن جو جنسي استحصال ڪيو پيو وڃي، عورتون ۽ ٻار بي حسي ۽ ڪسمپرسي جي حالت ۾ آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے