23 ڇنڇر , جون 2018

عمران خان جو پنهنجون سيٽون بلوچستان جي وڏي وزير کي ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنهنجون سينيٽ جون 13 ئي سيٽون بلوچستان جي وڏي وزير کي ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته سينيٽ جو چيئرمين بلوچستان مان هئڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته سينيٽ جو چيئرمين بلوچستان مان هئڻ گهرجي، ان حوالي سان فيصلو ڪيو آهي ته اسان پنهنجون 13 ئي سيٽون بلوچستان جي وڏي زوير جي حوالي ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان سڀني جي ڪوشش هئڻ گهرجي ته سينيٽ جو چيئرمين ن ليگ مان نه هجي ڇو ته ن ليگ وارا جمهوريت جي نالي تي ڦرڻ وارا ماڻهو آهن ۽ اهي ماڻهو نواز شريف کي ڪرپشن ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ وارو قانون بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا. عمران خان چيو ته جڏهن کان پاناما سامهون آيو آهي ن ليگ وارا نواز شريف جي چوري بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهو هر ان اداري تي حملو آهي جيڪو انهن جو غلام ناهي، اِهي ڪڏهن فوج تي حملا ڪندا آهن ته ڪڏهن سپريم ڪورٽ تي، اهو جمهوري رويو ناهي. ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو جو چوڻ هو ته عمران خان جو ٿورائتو آهيان جو هن دل وڏي ڪري اسان جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي، ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ آصف زرداري اسان سان ملڻ لاءِ اچي رهيو آهي، آصف زرداري کي راضي ڪنداسين ته سينيٽ جو چيئرمين بلوچستان مان اچي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فٽبال ورلڊ ڪپ: ايراني عورتن کي ميچ ڏسڻ جي آزادي ملي وئي، نئين تاريخ رقم

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي فٽبال ٽيم اربع جي رات اسپين جي هٿان شڪست کاڌي پر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے