23 ڇنڇر , جون 2018

سينيٽ جي چيئرمين لاءِ اميدوار نامزد ناهيان ٿيو، ووٽ ڪيئن ٿو گهري سگهان؟ سليم مانڊوي والا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو آهي ته چيئرمين جي سينيٽ لاءِ اميدوار نامزد ناهي ٿيو، ووٽ ڪيئن ٿو گهري سگهان.؟ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سينيٽ جي چيئرمين جو سياسي پارٽين سان ڳالهين وارو عمل جاري آهي جنهن وٽ ووٽ وڌيڪ هوندا اها ئي پارٽي سينيٽ چيئرمين بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته هن وقت تائين پارٽي سينيٽ جي چيئرمين لاءِ اميدوار نامزد ناهي ڪيو، ووٽ ڪيئن ٿو گهري سگهان؟ اميد آهي ته نئون چيئرمين سينيٽ جي وقار کي وڌيڪ وڌائيندو، عوام ۽ صوبن جي مسئلا حل ٿيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فٽبال ورلڊ ڪپ: ايراني عورتن کي ميچ ڏسڻ جي آزادي ملي وئي، نئين تاريخ رقم

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي فٽبال ٽيم اربع جي رات اسپين جي هٿان شڪست کاڌي پر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے