23 آچر , سيپٽمبر 2018

انڊونيشيا جي ٻن اسلامي يونيورسٽين ۾ شاگردياڻين جي حجاب تي پابندي

جڪارتا (ويب ڊيسڪ) مسلم اڪثريت ملڪ انڊونيشيا ۾ بنياد پرستي جي وڌندڙ رجحان کي نظر ۾ رکندي ٻن اسلامي تعليمي ادارن شاگردياڻين کي حجاب نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اسٽيٽ اسلامڪ يونيورسٽي جي سنن ڪليجاگا جو چوڻ هو ته اهڙيون هدايتون هلندڙ هفتي شاگردياڻين کي جاري ڪيون ويون آهن ۽ جيڪڏهن انهن ان تي عمل کان انڪار ڪيو ته کين بي دخل ڪيو ويندو. هن چيو ته حجاب سعودي ۽ ٻين عرب ملڪن ۾ عام آهي پر اهو سيڪيولر انڊونيشيا ۾ غير معمولي آهي، جتي 90 سيڪڙو آبادي اعتدال پسند اسلام جي پيروڪار آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته انڊونيشيا جي  گهڻي انگ ۾ عوام لاءِ مڪمل حجاب ڪرڻ اڻ وڻندڙ عرب روايت آهي ۽ ڪجهه ماڻهو ان کي انتهاپسند اسلام سان تشبيهه ڏيندا آهن، جنهن سان هي ملڪ ڪيترن ئي سالن کان وڙهندو پيو اچي. يونيورسٽي چانسلر يوديان واهيودي پريس بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هيءَ هڪ رياستي يونيورسٽي آهي ۽ اسان اعتدال پسند اسلام پکيڙڻ جون هدايتون ڏنيون آهن. واضح رهي ته يوگياڪارتا ۾ موجود ان يونيورسٽي ۾ لڳ ڀڳ 10 هزار شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن. هوڏانهن يوگياڪارتا ۾ موجود هڪ ٻئي تعليمي اداري احمد دهلان يونيورسٽي به مذهبي انتهاپسندي روڪڻ لاءِ حجاب تي پابندي لڳائي آهي پر انتظاميا جو چوڻ آهي ته حڪم نه مڃيندڙ شاگردياڻين کي ڪنهن به قسم جي سزا نه ڏني ويندي. يونيورسٽي چانسلر ڪاسي يارنو جو چوڻ هو ته امتحانن دوران شاگردياڻين کي حجاب جي اجازت نه هوندي ته جيئن سندن سڃاڻپ ٿي سگهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے