21 اڱارو , آگسٽ 2018

محاذ آرائي ڪنهن جي حق ۾ ناهي، ڪير به پاڻ کي ڪل عقل نه سمجهي: شاهي سيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي ريٽائرڊ ٿيندڙ  سينيٽر شاهي سيد چيو آهي ته پارليامينٽ مٿانهون هو، آهي ۽ رهندو. محاذ آرائي سان سياستدانن، ادارن ۽ ججن کي ڪجهه حاصل نه ٿيندو پر نقصان ملڪ جو ٿيندو، ڪير پاڻ کي ڪل عقل نه سمجهي، ملڪ جي بهتري لاءِ اسان کي صبر ۽ برداشت جي رستي هلڻ گهرجي، هن ملڪ سان راند ختم ڪئي وڃي. سينيٽ ۾ پنهنجي الوداعي خطاب ۾ سينيٽر شاهي سيد چيو ته موجوده حالتن ۾ سياسي محاذ آرائي ڪنهن جي حق ۾ نه هوندي، محاذ آرائي سان سياستدانن، ادارن ۽ ججن کي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو پر ملڪ کي نقصان ٿيندو، ڪير به پاڻ کي ڪل عقل نه سمجهي، پاڪستان جنت جهڙو ملڪ آهي، ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ لکين ماڻهن قربانيون ڏنيون، هن ملڪ سان راند ختم ڪئي وڃي. هن چيو ته فوجون اسان جون آهن، فوج ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪيتريون قربانيون ڏنيون، پارليامينٽ مٿانهون هو، آهي ۽ پارليامينٽ ئي مٿانهون رهندو، اها عزت خدا پارليامينٽ کي ڏني آهي جيڪا ڪير به ڦري نٿو سگهي. شاهي سيد چيو ته ملڪ جي بهتري لاءِ اسان کي صبر ۽ برداشت جي رستي تي هلڻ گهرجي، ملڪ ۾ رڳو ميرٽ هوندي ته ملڪ ترقي ڪندو، پاڪستان اسان جو ملڪ آهي ۽ ان ملڪ جو اسان تي قرض آهي، اسان جي ملڪ جي خاطر قربانيون ڏينداسين ۽ ان کي مضبوط بڻائينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ مقرر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف کي قومي اسيمبلي ۾ مخالف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے