23 آچر , سيپٽمبر 2018

پ پ سمنڊ آهي، ڪارڪن جي حيثيت سان شامل ٿي آهيان: هير سوهو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان ڇڏي پ پ ۾ شموليت اختيار ڪندڙ هير سوهو چيو آهي ته آئون پيپلز پارٽي مان مطمئن آهيان ۽ ان ڪري ئي شموليت جو فيصلو ڪيو. ڪراچي ۾ پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم پي اي هير سوهو چيو ته مان گهڻو ڪجهه ڪري پئي سگهيس ۽ گهڻو ڪجهه وٺي پئي سگهيس پر اهڙو ڪجهه نه ڪيو، مان ڪڏهن به ڪنهن خلاف ناڪاري انداز ۾ تنقيد نه ڪئي ۽ سنڌ اسيمبلي جي فلور کي استعمال ڪندي سدائين هاڪاري تنقيد ڪئي. هن وضاحت ڏيندي چيو ته مان ڪڏهن به پ پ ۽ ان جي اعليٰ قيادت کي تنقيد جو نشانو ناهي بڻايو، پيپلز پارٽي هڪ سمنڊ آهي ۽ ان سمنڊ ۾ مان اچي وئي آهيان، هتي اچڻ کان اڳ اسيمبلي جي رڪنيت حاصل ڪرڻ جي حوالي سان نه سوچيو. سندس چوڻ هو ته اسيمبلي رڪنيت جو فيصلو سدائين پارٽي قيادت جو هوندو آهي ۽ مون کي پ پ جي قيادت تي شروع ڏينهن کان وٺي اعتماد آهي. هير سوهو چيو ته مان هڪ ڪارڪن جي حيثيت سان پ پ ۾ شامل ٿي آهيان، باقي مستقبل بابت وقت سڀ ڪجهه سمجهائي ڇڏيندو. هن اهو به چيو ته مان صوبائي اسيمبلي جي رڪنيت تان به استعيفيٰ ڏينديس. ان موقعي تي فريال ٽالپر پارٽي ۾ شموليت تي هير سوهو کي ڀليڪار ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے