23 ڇنڇر , جون 2018

رونڪي جي حارجاڻي اننگز، لاهور قلندرز کي لاڳيتي ڇهين شڪست

دبئي (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد يونائيٽيڊ ليوڪ رونڪي جي جارحاڻي اننگز عيوض لاهور قلندرز کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان سپر ليگ جي 18هين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتان مصباح الحق ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو. دعوت ملڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي لاهور قلندرز مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 163 رنسون ٺاهيون. اوپنر اينٽون ڊيوچ 3 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 62 رنسن جي شانداز اننگز کيڏي، جڏهن ته فخر زمان 34 ۽ ڪپتان برينڊن ميڪيولم 33 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. اسلام آباد يونائيٽيڊ طرفان فهيم اشرف بهترين بالنگ ڪرائيندي 3 شڪار ڪيا. جواب ۾ مصباح اليون ليوڪ رونڪي جي بهترين اننگز عيوض 17.4 اوورن ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي ٽارگيٽ پورو ڪري ورتو. رونڪي 41 بالن تي 6 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 77 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته شاداب خان 32، جي پي ڊومني 21 ۽ آصف علي 7 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. ڪپتان مصباح الحق 12 ۽ صاحبزادا فرحان 3 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ موٽيا. لاهور قلندرز طرفان سنيل نارائڻ 3 وڪيٽون ورتيون. ميچ جو بهترين رانديگر ليوڪ رونڪي کي قرار ڏنو ويو. واضح رهي ته لاڳيتي ڇهين ميچ ۾ شڪست کانپوءِ لاهور قلندرز جو ايندڙ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

فٽبال ورلڊ ڪپ 2018: برازيل اهم ميچ ۾ ڪوسٽاريڪا کي 0-2 تان هارائي ڇڏيو

سينٽ پيٽرز برگ (اسپورٽس نيوز) فٽبال ورلڊ ڪپ جي اڄوڪي ميچ ۾ برازيل ڪوسٽاريڪا کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے