24 سومر , سيپٽمبر 2018

ايم ڪيو ايم باني جي نالي سان منسوب هنڌن جا نالا تبديل ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ايپڪس ڪميٽي ايم ڪيو ايم باني ۽ سندس گهرڀاتين سان نالن لاڳاپيل عمارتن ۽ روڊن جي نالن تي تبديلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ اندر امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته اجلاس ۾ ڪيترائي اهم فيصلا پڻ ڪيا ويا، جن ۾ متحدا باني ايم ڪيو ايم جي نالي سان منسوب 62 عمارتن ۽ روڊن جا نالا فوري طور تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ وڏي وزير ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ڪابينا اڳ ئي انهن نالن جي تبديلي جي منظوري ڏئي چڪي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے