25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڪير اسان جو دوست آهي ۽ ڪير دشمن، چڱي ريت ڄاڻون ٿا: ڪعبي جو امام

لاهور(ويب ڊيسڪ) ڪعبي جي امام شيخ صالح بن محمد آل طالب ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته سعودي عرب جي پرڏيهي پاليسي دهشتگردي جي خلاف آهي، ڪير اسان جو دوست آهي ۽ ڪير دشمن اسان سٺي نموني ڄاڻون ٿا. امن ۽ مضبوطي قائم ڪرڻ لاءِ ميڊيا پهريون ٿنڀو بڻجي چڪي آهي. ڪا به ڳالهه اڳتي پهچائڻ ۾ سچائي کي نه ڇڏڻ گهرجي، تفصيل موجب ڪعبي جي امام لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ سعوديه جي مسلمانن خلاف غلط پروپيگنڊه جاري آهي پاڪستان اسان جو دوست ۽ ويجهو ملڪ آهي. ڪعبي جي امام سعودي عرب جي پرڏيهي پاليسي تي ڳالهائيندي چيو ته سعودي عرب جي پرڏيهي پاليسي دهشتگردي جي خلاف آهي. هن چيو ته ڪير اسان جو دوست ۽ ڪير دشمن چڱي ريت ڄاڻون ٿا. هن چيو ته ميڊيا کي ڪنهن به ملڪ جو چوٿون ٿنڀو تصور ڪيو ويندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے