23 ڇنڇر , جون 2018

آرمي چيف سان افغان سفير جي ملاقات، لاڳاپن ۾ شڪ شبها ختم ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقرر افغان سفير عمر زخيلوال پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران ٻه طرفن لاڳاپن ۾ رنڊڪون ختم ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. عمر زخيلوال ملاقات بابت پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ٻڌائيندي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي لاڳاپن بابت سڀني پهلوئن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. افغان سفير تازو ڪابل ۾ ٿيل امن ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل تجويز تي به جنرل قمر جاويد باجوا سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. عمر زخيلوال جو چوڻ هو ته پاڪ فوج جي سربراهه سان ملاقات ۾ موجود چئلينجن ۽ گڏيل شڪ شبهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات دوران پاڪ فوج جي سربراهه ۽ افغان سفير ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ ماڻهن جي آزاداڻي اچ وڃ تي به غور ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

فٽبال ورلڊ ڪپ: ايراني عورتن کي ميچ ڏسڻ جي آزادي ملي وئي، نئين تاريخ رقم

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي فٽبال ٽيم اربع جي رات اسپين جي هٿان شڪست کاڌي پر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے