25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڪي پي ۾ عورتن تي تشدد جي خاتمي لاءِ موبائل ايپليڪيشن متعارف

پشاور (ويب ڊيسڪ) عورتن جي عالمي ڏينهن تي خيبر پختونخواهه صوبي ۾ آسٽريلوي حڪومت جي سهڪار سان عورتن تي تشدد جي خاتمي لاءِ موبائل ايپليڪيشن متعارف ڪرائي وئي آهي. عورتن جي عالمي ڏهاڙي سان رٿيل تقريب ۾ آسٽريلين ڊپٽي هاءِ ڪمشنر برڪ بيٽلي آسٽريلوي حڪومت جي مدد سان عورتن تي تشدد جي خاتمي لاءِ هڪ موبائل ايپليڪيشن متعارف ڪرائي. ان موقعي تي برڪ بيٽلي جو چوڻ هو ته موبائل ايپليڪيشن ذريعي عورتون سولائي سان عورتن جي صوبائي ڪميشن سان رابطو ڪري سگهنديون. هن چيو ته عورتن تي تشدد جو خاتمو آسٽريلوي حڪومت جي پرڏيهي پاليسي ۽ امدادي پروگرام جي ترجيحن ۾ شامل آهي، اميد ٿا ڪيون ته اها موبائل ايپليڪيشن خيبر پختونخواهه صوبي ۾ عورتن تي تشدد جي روڪٿام جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪندي. ان موقعي تي آسٽريلوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر خيبر پختونخواهه صوبي جي 14 عورتن کي صحت، تعليم ۽ انصاف تائين پهچ حاصل ڪرڻ توڙي سائنس جي ميدان ۾ اڳڀري ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي کين ايوارڊ ڏنا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے