23 ڇنڇر , جون 2018

ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا متحده ايم پي اي محمد حسين کي ايوان مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس دوران ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا ايم ڪيو ايم جي ميمبر محمد حسين کي ايوان مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس دوران تڪرار ۽ لفظي جنگ روز جو معمول بڻيل آهي. ڊپٽي اسپيڪر شهلا ۽ ايم ڪيو ايم جي ٻن ميمبرن ۾ جهيڙو ٿي پيو. ڳالهه اتي پهتي ته شهلا رضا اپوزيشن ميمبر محمد حسين کي ايوان مان ڪڍڻ لاءِ عملي کي طلب ڪري ورتو. اجلاس دوران چڪرين جي شروعات پهريون ايم ڪيو ايم جي ميمبر محفوظ يار خان ۽ وقتي اسپيڪر شهلا رضا ۾ ٿي. محفوظ يار گذريل ڏينهن ٿيل ڳالهين جو ذڪر ڪندي احتجاج ڪيو ته شهلا رضا ڪاوڙجي پئي جنهن سبب هو ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويو. ان معاملي بعد ايم ڪيو ايم جي هڪ ٻي ميمبر محمد حسين سوال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ساڻس به شهلا رضا ڳنڍجي پئي. محمد حسين چيو ته توهان مون سان ايئن نه ٿيون ڳالهائي سگهو جنهن تي شلا رضا چيو ته مان ايئن ئي ڳالهائي سگهان ٿي توهان کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪيو، توهان کي خبر ناهي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي ۽ مون کي توهان جي حال جي به خبر آهي.  شهلا رضا پهريون محمد حسين جي مائيڪ بند ڪرائي ۽ پوءِ کيس ايوان مان ڪڍڻ لاءِ اسيمبلي جي عملي کي طلب ڪيو پر مخالف ڌر اڳواڻ خواجه اظهار الحسن وچ ۾ پئي معاملي کي ختم ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فٽبال ورلڊ ڪپ: ايراني عورتن کي ميچ ڏسڻ جي آزادي ملي وئي، نئين تاريخ رقم

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي فٽبال ٽيم اربع جي رات اسپين جي هٿان شڪست کاڌي پر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے