18 سومر , جون 2018

جعلي دوائن بابت ڪيس: ڊي جي ايف آءِ اي کي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ڊي جي ايف آءِ اي کي جعلي دوائن جي معاملي تي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ جعلي دوائن بابت پاڻمرادو نوٽيس بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس عمر عطا بنديال تي ٻڌل ٽه رڪني بئنچ ڪئي. آءِ جي پنجاب ۽ آر پي او بهاولپور راجا رفعت مختار عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته اطلاعن موجب آر پي او پنهنجي سالي جي حمايت ڪئي، جنهن تي آءِ جي پنجاب عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته آر پي او بهاولپور تي جعلي دوائن جي معاملي تي پنهنجي سالي جي حمايت جو الزام غلط آهي. چيف جسٽس ٻڌڻي دوران ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي کي جعلي دوائن تي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ٻڌڻي جي موقعي تي چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ ماڻهو بيمار آهي کيس شفا ملڻ بدران هو وڌيڪ بيمار ٿي ويندو آهي، تڪليف ڏيندڙ ڳالهه آهي ته جعلي دوائن جي معاملي تي ڪم نه ٿي رهيو آهي، اسان جي چوڻ تي هڪ آفيسر فيڪٽري تي ڇاپو هنيو نيب کيس نوٽيس جاري ڪيو آهي. جسٽس ثاقب نثار چيو ته لڳي ٿو ته هي تمام گهڻا طاقتور ماڻهو آهن پر جعلي دوائن جي معاملي تي ڪنهن کي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ججن جو ڪنهن جي ذاتي معاملي سان ڪو به تعلق ناهي، الله سڀني کي پنهنجي حقن لاءِ ويڙهه جي جرئت ڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيصل آباد ۾ بس هوسٽس جو قتل، پنجاب جي نگران وڏي وزير نوٽيس ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ بس هوسٽس  جي قتل واري واقعي جو نگران وڏي وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے