25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نواز شريف خلاف توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف خلاف توهين عدالت درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 26 فيبروري تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف توهين عدالت درخواست داخل ڪئي وئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته نواز شريف اعليٰ عدليه جي ججن بابت جيڪو ڪجهه چيو سو بادي النظر ۾ توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو.  جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل سنگل بئنچ درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت مسلم ليگ ن جي قائد خلاف توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي اطلاعات واري سيڪريٽري، پيمرا ۽ پريس ڪائونسل آف پاڪستان کان 19 اپريل تائين جواب طلب ڪري ورتو. عدالت حڪم ڏنو ته آئين ڪنهن کي حق نه ٿو ڏي ته ضابطا اخلاق ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے