23 ڇنڇر , جون 2018

ڪوشش آهي ته ن ليگ جو سينيٽ چيئرمين نه چونڊجي: عمران خان

khanپشاور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته مسلم ليگ ن شريفن خان جي ڪرپشن بچائيندڙ پارٽي بڻجي چڪي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ن ليگ جو سينيٽ چيئرمين نه اچي. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته ڳجهي ووٽنگ سان هميشه ووٽ وڪرو ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي، سڀني کي خبر آهي ته سينيٽ جون سيٽون وڪرو ٿينديون آهن. هن چيو ته  ايتري خبر پئي آهي ته ماڻهن کي ووٽ جي بدلي چار چار ڪروڙ رپيه ڏنا ويا پر اها خبر ناهي ته پئسا ڪنهن ورتا. سندس چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي نالو اچڻ تي ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهجي، سينيٽ چونڊن بابت ڪنهن وٽ شاهدي آهي ته اسان حوالي ڪن. هن چيو ته جن ماڻهن رقم ورتي تنهن جو ڪيس نيب حوالي ڪري کين پارٽي مان نيڪالي ڏني ويندي، سينيٽ جي چونڊن ۾ نه وڪرو ٿيندڙن کي چونڊن ۾ ٽڪيٽ ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته پ پ سان اسان جو هلڻ مشڪل آهي، مسلم ليگ ن شريفن جي ڪرپشن بچائيندڙ پارٽي بڻجي چڪي آهي، تنهن ڪري ڪوشش آهي ته ن ليگ جو سينيٽ چيئرمين نه چونڊجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فٽبال ورلڊ ڪپ: ايراني عورتن کي ميچ ڏسڻ جي آزادي ملي وئي، نئين تاريخ رقم

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي فٽبال ٽيم اربع جي رات اسپين جي هٿان شڪست کاڌي پر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے