24 آچر , جون 2018

سنگين غداري ڪيس ۾ پرويز مشرف جي گرفتاري لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) خاص عدالت پرويز مشرف سنگين غداري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر جي پرڏيهه ملڪ مان گرفتاري جي معاملي تي گهرو وزارت کي اپاءَ اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي اسلام آباد جي خاص عدالت ۾ ٿي. جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  ٻڌڻي دوران فريادي ڌر جي وڪيل اڪرم شيخ عدالت ۾ پيش ٿيو. گهرو وزارت جي ضمني رپورٽ ٻه عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ پرويز مشرف جي ستن مان 4 ملڪيتون ڃا به سندس نالي تي آهن. بئچ جي سربراهه جسٽس يحيحي آفريدي پڇاڻو ڪيو ته پرويز مشرف جي گرفتاري لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن، 10 مهينا ٿي چڪا آهن پر سندس پرڏيهه ملڪيت جا تفصيل پيش نه ٿيا آهن، پرڏيهه ملڪ ملڪيتن ببات ڪارروائي ڪهڙو مسئلو آهي؟ وارنٽ جاري ٿيڻ باوجود انٽرپول سان رابطو ڇو نه ڪيو ويو؟  وفاقي سرڪار ۽ گهرو وزارت جوابدارن کي واپس آڻڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا؟ جوابدار جي عدالت ۾ حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ ڇا ڪيو ويو؟  فريادي ڌر جي وڪيل اڪرم شيخ چيو ته جوابدا رکي چڱو وقت ڏنو ويو آهي،  هاڻي فيصلو اچڻ گهرجي، عدالت پرويز مشرف جا ريڊ وارنٽ جاري ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته عدالت آرڊر ڏنو هو ته جوابدار جي غير موجودگي ۾ ٽرائل نه ٿو ٿي سگهي تنهن ڪري جوابدار جي عدم حاضري ۾ به ڪيس هلائي سگهجي ٿو. عدالت پرڏيهي آفيس ۽ ايف آءِ اي جي اختيارين کي طلب ڪري ورتو جڏهن ته يو اي اي سان ميوچل ليگل اسٽنٽس جو ٺاهه به طلب ڪري ورتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تڪراري اينڪر عامر لياقت پاران ٻي شادي ڪرڻ جو انڪشاف

 ڪراچي( ويب ڊيسڪ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا  جي تاريخ ۾ تڪراري رهندڙ   ٽي وي اينڪر  ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے