23 ڇنڇر , جون 2018

شام ۾ باغين روس جي آڇ رد ڪري ڇڏي، اوڀر غوطه ۾ وڌيڪ 24 ڄڻا مارجي ويا

دمشق (ويب ڊيسڪ) باغين روس طرفان پيش ٿيل محفوظ رستو ڏيڻ بابت تجويز رد ڪري ڇڏي جڏهن ته اوڀر غوطه ۾ هوائي بمباري دوران وڌيڪ 24 ڄڻا مارجي ويا. هڪ باغي اڳواڻ حمزه برقدر برطانوي خابرو اداري کي ٻُڌايو آهي ته روس طرفان پيش ٿيل ان منصوبي تي ڳالهيون نه ڪيون وينديون جنهن تحت وڳوڙ سٽيل علائقي اوڀر غوطه جي باغين کي محفوظ طريقي سان ٻاهر ڪڍڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. حمزه موجب اوڀر غوطه جا سمورا گروپ پنهنجي سرزمين جي حفاظت خاطر گڏ آهن. جڏهن ته پرڏيهي ميڊيا موجب دمشق ڀرسان اوڀر غوطه باغين جو آخري مضبوط ڳڙهه آهي ۽ هو ان کان اڳ به هٿيار سٽڻ واري آڇ رد ڪري چُڪا آهن. روس جي مدد سان شامي فوج اوڀر غوطه ۾ طوفاني حملنحملن ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. ٻئي طرف اوڀر غوطه ۾ هوائي بمباري دوران وڌيڪ 24 ڄڻا مارجي ويا. پرڏيهي خابرو اداري موجب غوطه ۾ تازوئي حملن دوران وڌيڪ 24 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Bihar: Five children, including five children, were arrested on the dance track

بهار: پاڪستاني گيت تي رقص جي الزام ۾ 5 ٻارڙن سميت 8 ڄڻا گرفتار

بهار(ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست بهار جي ضلعي روهتاس ۾ پوليس پاڪستاني گيت تي رقص ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے