23 ڇنڇر , جون 2018

ويرات ڪوهلي، روهت شرما ۽ ٻين کي سالياني 7 ڪروڙ رپيا ملندا

ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي نئين سينٽرل ڪنٽريڪٽس لسٽ تحت هن ڀيري “اي پلس” جي خاص ڪيٽيگري متعارف ڪرائي وئي جنهن ۾ شامل ويرات ڪوهلي، روهت شرما، شيکر ڌون،م ڀونيشور ڪمار ۽ جسپريت بمراهه سالياني 7 ڪروڙ رپيا معاوضو حاصل ڪندا. نئين سينٽرل ڪنٽريڪٽس فهرست ۾ تحت هن ڀيري “اي پلس” جي خاص ڪيٽيگري متعارف ڪرائي وئي جنهن ۾ شامل ويرات ڪوهلي، روهت شرما، شيکر ڌون،م ڀونيشور ڪمار ۽ جسپريت بمراهه سالياني 7 ڪروڙ رپيا معاوضو حاصل ڪندا جڏهن ته گھرواري تي تشدد ڪندڙ شامي کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي ويو آهي.ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ نئين سينٽرل ڪنٽريڪٽس لسٽ مان ئي کيس ٻاهر ڪري ڇڏيو. اڳوڻي ڪپتان مهيندر سنگھه ڌوني کي اي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو جتي ساڻس ايشون، رويندرا جڊيجا، چتيشور پجارا، اجنيڪا راهي ۽ مرلي وجي پڻ موجود آهن، اهو گرووپ سالياني 5 ڪروڙ رپيا معاوضو حاصل ڪندو. بي ڪيٽيگري ۾ شامل رانديگرن کي 3 ڪروڙ ۽ سي ڪيٽيگري ۾ شامل رانديگرن کي هڪ ڪروڙ رپيا معاوضو ڏنو ويندو، حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته 26 ڪنٽريڪٽ ماڻيل رانديگرن جي لسٽ ۾ فاسٽ بالر محمد شامي جو نالو شامل ئي ناهي. رپورٽ موجب کيس بي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪرڻو هو پر سندس گھر واري حسين جهان طرفان سوشل ميڊيا تي لڳائل الزامن بعد سندس ڪنٽريڪٽ روڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي سي بي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل رانديگرن جو انگ  گهٽ ڪندي معاوضو وڌائي ڇڏيو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سينٽرل ڪنٽريڪٽ ۾ شامل رانديگرن جي انگ کي گهٽ ڪندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے