23 آچر , سيپٽمبر 2018

نواز ليگ رضا رباني کي سينيٽ چيئرمين بڻائڻ لاءِ تيار، پ پ سربراهه زرداري مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ چونڊن لاءِ جوڙ ٽوڙ جاري آهي. نواز شريف رضا رباني کي چيئرمين بڻائڻ جي آڇ ڪري ڇڏي. آصف زرداري پنهنجي پارٽي اڳواڻ کي سينيٽ چيئرمين بڻائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي. خانگي ٽي وي چينل موجب مسلم ليگ ن جي سربراهه ميان نواز شريف جي سربراهي ۾ اتحادي پارٽين جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ جي يو آءِ جي (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، پشتونخوا ميپ جي محمود خان اچڪزئي ۽ نيشنل پارٽي جي حاصل بزنجو شرڪت ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ ن ليگ جا سينيٽر به موجود هئا. اجلاس ۾ نواز شريف اتحادي پارٽين جي سامهون تجويز رکي ته پيپلز پارٽي طرفان رضا رباني کي جيڪڏهن سينيٽ جي چيئرمين جي اميدوار طور سامهون آندو ويو آهي ته سندن فيصلي جي حمايت ڪئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي تجويز کي اتحادي اڳواڻن طرفان بهتر ڳالهه قرار ڏنو ويو آهي ۽ تجويز جي ڀرپور حمايت ڪئي وئي. ذريعن ٻڌايو ته اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن رضا رباني کان سواءِ ٻئي ڪنهن اميدوار کي سامهون آندو ويندو ته ن ليگ ۽ سندس اتحادي پارٽيون ان جو ڀرپور مقابلو ڪنديون. ذريعن موجب اجلاس ۾ طئي ٿيو ته سموريون اتحادي پارٽيون پهرين پنهنجا نمبر پورا ڪن،  نمبر گيم جو انگ پورو ٿيڻ کان پوءِ ڳالهيون ڪيون وينديون ۽ پوءِ سموريون اتحادي پارٽيون پنهنجا اميدوار سامهون آڻينديون. هوڏانهن نواز ليگ ۾ به اختلاف سامهون آيا آهن. وزيراعظم راجا ظفر الحق کي سينيٽ چيئرمين بڻائڻ جي مخالفت ڪئي آهي ۽ شهباز شريف پرويز رشيد جي مخالفت ڪئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ مشاهد حسين ۽ حاصل بزنجو جي سينيٽ چيئرمين بڻجڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. نواز ليگ اڳواڻن متحده اڳواڻن ڪامران ٽيسوري ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي، اين اين پي سان به رابطا ڪيا آهن.  هوڏانهن اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) هارس ٽريڊنگ جي سخت خلاف آهي، اسان جي پارٽي ڪڏهن به هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث ناهي ٿي ۽ اسان سمجهون ٿا ته هارس ٽريڊنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. احتساب عدالت جي ٻاهران صحافين سان مختصر ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان هارس ٽريڊنگ کان نفرت ڪيون ٿا. هن چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ جن پارٽين سان زيادتي ٿي انهن سان گڏ آهيون، سياسي پارٽيون ان تي ڪو لائحه عمل جوڙڻ چاهين ته اسان تيار آهيون. هوڏانهن پ پ چيئرمين آصف زرداري مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مولانا فضل الرحمان کانئس وقت گهري ورتو. ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان اجلاس ۾ فيصلو ڪنداسين، ان موقعي تي صحافي آصف زرداري کان سوال ڪيو ته نواز شريف رضا رباني جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تي زرداري جواب ڏنو. مهرباني، پر مان نه ٿو چاهيان. هوڏانهن پ پ سليم مانڊوي والا کي سينيٽ چيئرمين بڻائڻ گهري ٿي. پي ٽي آءِ، بوچستان مان انوار الحق کي ڊپٽي چيئرمين بڻائڻ جي تجويز ڏني آهي. سينيٽر قيوم سومري فاٽا جي سينيٽر سان ملاقات ڪئي. سجاد طوري چيو ته جيڪڏهن ڊپٽي چيئرمين فاٽا مان آيو ته قبائلي عوام لاءِ وڏي خوشي جو سبب بڻجندي.033041

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے