24 سومر , سيپٽمبر 2018

ايندڙ سينيٽ چيئرمين پ پ جو هوندو: اعتزاز احسن

اسلام آباد (بيورو) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ اعتزاز احسن دعويٰ ڪئي آهي ته سينيٽ چيئرمين هارس ٽريڊنگ کان سواءِ پيپلز پارٽي جو ئي بڻجندو،اسان کي فوج ۽ عدليه جو مشورو ڏيڻ جي ضرورت ناهي، هر ادارو پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪري. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي هارس ٽريڊنگ ناهي ڪئي جيڪڏهن ڪنهن وٽ هارس ٽريڊنگ جو ڪو به ثبوت آهي ته سامهون آڻي. هن ان سان گڏوگڏ اها دعويٰ پڻ ڪئي ته سينيٽ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي جو ئي بڻجندو ۽ اهو به بنا ڪنهن هارس ٽريڊنگ جي. اعتزاز احسن شريف ڀائرن تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪو به فيصلو انهن جي خلاف اچي ٿو ته هو چون ٿا اسان جي خلاف سازش ٿي رهي آهي. فيصلو هنن جي حق ۾ اچي ته عدليه سٺي آهي پر جيڪڏهن انهن جي حق ۾ نه اچي اها ئي عدليه خراب آهي. 04

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chief Justice inaugurated Greater Karachi Sialaj Plan S Thari Project in Hyderabad

ملڪ ۾ پاڻي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، پاڪستان دشمنن جون سازشون ناڪام ٿينديون: چيف جسٽس

چترال (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ملڪ سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے