23 ڇنڇر , جون 2018

ريفرنس ٻڌڻي ۾ واڌ جو مطلب ڪيس ۾ ڪجهه نه ملڻ آهي:مريم نواز

لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز چيو آهي ته سپريم ڪورٽ طرفان شريف خاندان جي خلاف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي ۾ اڌ جو واضح مطلب آهي ته ڪجهه به ناهي نڪتو.  پاناما ڪيس جي فيصلي جي روشني ۾ احتساب عدالت کي شريف خاندان جي خلاف نيب ريفرنسز جو ٽرائل 6 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻو هو جنهن جو مدو 13 مارچ تي مڪمل ٿي رهيو آهي جنهن جي ڪري عدالتي وقت ۾ ٽرائل مڪمل ڪرڻ ناممڪن ٿي ويو آهي. پر سپريم ڪورٽ جي خاص بينچ شريف خاندان جي خلاف ريفرنسز ۾ 2 مهينا ۽ اسحاق ڊار جي خلاف 3 مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي. اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هن چيو ته سوچيو جيڪڏهن ننڍڙو به ثبوت هجي ها ته فيصلو ڏيڻ ۾ ٻه ڏينهن به نه لڳن ها ۽ واڌ جو واضح مطلب آهي ته ڪجهه به ناهي نڪتو.033041

هي به ڏسي سگهو ٿا

جي ڊي اي ۽ ق ليگ ۾ چونڊ اتحاد، شفاف چونڊون ٿيندي نظر نه ٿيون اچن: پاڳارو

اسلام آباد (بيورو)  گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائيننس  ۽ مسلم ليگ ق ايندڙ عام چونڊن ۾ اتحاد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے