24 سومر , سيپٽمبر 2018

ڪي پي ۾ ضمير فروشي جو ذميوار عمران خان آهي: راڻا ثناءُالله

لاهور (م ڊ) پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله مخالفن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته نواز شريف جو نظريو ڳاٽ کڻي ڳالهائي رهيو آهي. تفصيل موجب پنجاب اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان آن رڪارڊ چيو ته ڪرپشن مٿي هوندي آهي، ليڊر سُٺو هجي ته ڪرپشن ختم ٿي ويندي آهي چوندو هئو ته آئون ڪرپشن کان پاڪ آهيان. راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته عمران خان کان پُڇيان ٿو ته توهان جي پارٽي ۾ جيڪا ڪرپشن سامهون آئي آهي ضمير وڪڻيو آهي ۽ اهو توهان پاڻ چئي رهيا آهيو ته پنج پنج ڪروڙ ۾ ضمير وڪڻيو، ڪي پي ۾ اها جيڪا ضمير فروشي ٿي آهي ان جو سبب توهان آهيو. قانون واري وزير چيو ته نواز شريف جو نظريو ڳاٽ کڻي ڳالهائي رهيو آهي، سينيٽ ۾ ان حوالي سان تقريرون ٿيون، اسان ايندڙ چونڊون ڪارڪردگي جي بنياد تي وڙهڻ پئي چاهيون، پر سڄي قوم کي ان رستي تان هٽايو ويو ڇو ته محسوس ٿي رهيو هو ته نواز شريف ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪيو ۽ کيس روڪڻ لاءِ ان ايجنڊي ۾ ٻيون به گھڻيون ئي قوتون آهن جن جو ذڪر سينيٽ ۾ ڪيو ويو.0430

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chief Justice inaugurated Greater Karachi Sialaj Plan S Thari Project in Hyderabad

ملڪ ۾ پاڻي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، پاڪستان دشمنن جون سازشون ناڪام ٿينديون: چيف جسٽس

چترال (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ملڪ سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے