24 سومر , سيپٽمبر 2018

ڪراچي ۾هيلٿ الائونس گهرندڙ پيرا ميڊيڪل ملازمن تي بدترين تشدد، 30 زخمي، 50 گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾پيراميڊيڪل ملازمن ٽائيم اسڪيل، هيلٿ الائونس نه ملڻ ۽ سروس اسٽرڪچر بحال نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب کان وزيراعليٰ هائوس وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس ريڊ زون ۾داخل ٿيڻ نه ڏنو، ملازمن تي پوليس جو بدترين تشدد،لٺبازي، شيلنگ ۽ واٽر ڪينن جي استمال سبب عورت ملازمن سميت 30 ڄڻا زخمي، 50 کان مٿي ملازم گرفتار ڪري آرٽلري ميدان ۽ ٻين ٿاڻن تي لاڪ اپ ڪيا ويا. ڪراچي پريس ڪلب اڳيان پوليس ڪيترن ئي ڏينهن کان قائم ڪيل ايس آر پي جي برطرف اهلڪارن، لوئر اسٽاف ۽ آپڪا جون احتجاجي ڪئمپون ڊاهي سامان ئي کڻي وئي. پيرا ميڊيڪل ملازمن اڄ سڄي سنڌ ۾ اسپتالن جي تالابندي جو اعلان ڪندي ٻيهر وزيراعليٰ هائوس وڃڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي.گذريل ڏينهن پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ملازمن شريف پالاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان صحت کاتي جي ملازمن کي هيلٿ الائونس نه ملڻ، 2006ع وارو سروس اسٽرڪچر بحال نه ٿيڻ ۽ فوتي ڪوٽا نه ملڻ سميت ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌرڻو هڻڻ بعد وزيراعليٰ هائوس ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس ريڊ زون جي داخلي رستي تي رڪاوٽون بيهاري ڇڏيون جتي ملازمن ۽ پوليس وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي ان موقعي تي پوليس ملازم عورتن ۽ مردن تي لٺ بازي ڪري ڏني ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪري ملازمن مٿان شيلنگ پڻ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 30 کان مٿي عورتون ۽ مرد ملازم سخت زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال، جناح اسپتال ۽ ٻين مقامي اسپتالن ڏانهن نيو ويو. جڏهن ته پوليس 50 کان مٿي ملازمن کي گرفتار ڪري پڻ کڻي وئي. گرفتار ملازمن ۾ به زخمي شامل هئا. ان حوالي سان ملازمن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جا 100 کان مٿي ساٿي گرفتار ٿيل آهن. هنن چيو ته اسان جا جائز مطالبا آهن، جيڪي منظور نه ٿيڻ خلاف مختلف وقتن تي احتجاج ڪندا رهيا آهيون پر حڪمران اسان جا مطالبا مڃڻ لاءِ تيار ناهن ويتر اسان مٿان بدترين تشدد ڪري پوئتي هٽايو ويو آهي. هنن چيو ته وزيراعليٰ هائوس ۾ عوام جو چونڊيل نمائندو ويٺو آهي. پر افسوس آهي ته اتي عوام جي وڃڻ تي به پابندي آهي. هنن چيو ته اڄ سڄي سنڌ ۾ اسپتالن جي تالابندي ڪئي ويندي. ۽ گرفتار ساٿين جي آزادي جي صورت ۾ اڄ ٻيهر وزيراعليٰ هائوس وڃڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اسان جو احتجاج پرامن هوندي. سرڪار ڀلي ڏنڊا وسائي پر حقن جي حاصلات کان سواءِ واپس نه وينداسين. ٻي پاسي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڪيترن ئي هفتن کان بحالي لاءِ احتجاج ڪندڙ ايس آر پي اهلڪارن، لوئر اسٽاف جي ملازمن توڙي پاپوليشن کاتي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ قائم ڪيل ڪئمپون پڻ پوليس پٽي ڇڏيون ڪئمپن ۾ پيل سامان پڻ پوليس گاڏين ۾وجھي ٿاڻي تي کڻي وئي.05

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chief Justice inaugurated Greater Karachi Sialaj Plan S Thari Project in Hyderabad

ملڪ ۾ پاڻي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، پاڪستان دشمنن جون سازشون ناڪام ٿينديون: چيف جسٽس

چترال (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ملڪ سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے