24 سومر , سيپٽمبر 2018

اسان هڪ ٻيو ايم ڪيو ايم جو باني نه ٿا چاهيون: بلاول

ڪراچي/اسلام آباد (ع آ نيوز) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته اسان هڪ ٻيو ايم ڪيو ايم جو باني نه ٿا چاهيون، ڪراچي جو عوام طالبان جي هٿان شهيد ٿيو آهي. اسان دهشتگردن جي ساٿين کي رد ڪيون ٿا. اهڙو اظهار هن ملير  ۾ عوامي ميڙاڪي کي  خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڪراچي جو عوام هاڻي ڪنهن به صورت ۾هڪ ٻيو  ايم ڪيو ايم باني نه ٿو چاهي. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته عمران خان اچي ۽ ڪراچي مان چونڊ وڙهي. ن چيو ته عمران خان جي نفرت واري سياست کي رد ڪيون ٿا، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مڪمل احتساب کان سواءِ احتساب جو نظام ڏاڍو ڪمزور هوندو. اسان پنهنجي لاءِ نه پر جمهوريت لاءِ احتساب بابت سڌارا چاهيون ٿا. بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته سينيٽ اليڪشن ۾اسان نظرياتي ڪارڪن بيهاريا هئا. خيبرپختونخوا ۾ اسان غريب اميدوار بيهاريا.  اسان پيسي جي نه پر نظريي جي ڳالهه ڪندا آهيون.05

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chief Justice inaugurated Greater Karachi Sialaj Plan S Thari Project in Hyderabad

ملڪ ۾ پاڻي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، پاڪستان دشمنن جون سازشون ناڪام ٿينديون: چيف جسٽس

چترال (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ملڪ سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے