23 آچر , سيپٽمبر 2018

شاهد مسعود زينب ڪيس تي معافي وٺي ڇڏي، نتيجا ڀوڳڻا پوندا: عدالت

اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان زينب قتل ڪيس جي جوابدار عمران خان جي بينڪ اڪائونٽ جي دعويٰ ڪندڙ اينڪرپرسن جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران شاهد مسعود سان مڪالمي ۾ چيو ته هاڻ معافي جو وقت گذري چڪو آهي، توهان کي قانوني نتيجا ڀوڳڻا پوندا. پنجاب جي ضلعي قصور ۾ زيادتي کانپوءِ قتل ٿيل ننڍڙي زينب جي ڪيس ۾ ٽي وي اينڪر شاهد مسعود مرڪزي جوابدار عمران جي پرڏيهه ۾ ڪيترن ئي بينڪ اڪائونٽن جي دعويٰ ڪئي هئي، جنهن تي سپريم ڪورٽ نوٽيس ورتو هو، جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير به معاملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي هئي، شاهد مسعود جي الزامن جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ پهرين مارچ تي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي هئي، جنهن ۾ اينڪرپرسن جا سمورا الزام ۽ دعوائون ڪوڙيون قرار ڏنيون ويون. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ اينڪرپرسن جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات ۾ چيف جسٽس پاڪستان اينڪرپرسن شاهد مسعود سان مڪالمو ڪيو ته توهان جي دعوائن تي جي آءِ ٽي جي جيڪا رپورٽ آئي اها ابتڙ آهي، ڇا توهان پنهنجي رپورٽ کي ڏسڻ چاهيندا؟ ان تي شاهد مسعود چيو ته هاڻ ڊارڪ ويب تان مواد ڊيليٽ ڪيو پيو وڃي. چيف جسٽس چيو ته اهو معاملو الڳ آهي، جيڪي توهان الزام هنيا، انهن تي ڳالهائي رهيا آهيون، شاهد مسعود توهان چيو ته غلط ڪيان ته فلاڻو فلاڻو ادارو مون کي ڦاهي تي چاڙهي، چيف جسٽس چيو ته مون توهان جي سي ڊي ٻيهر ڏٺي، اسان توهان جي نڪتي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو، توهان عدالت جي ٻاهران پنهنجي دعوائن کي ٻيهر ورجايو. جسٽس ثاقب نثار وڌيڪ چيو ته توهان نوٽيس وٺڻ جو چيو هو، خبر غلط هجي ته ڦاهي تي چاڙهڻ جو چيو هو. چيف جسٽس جي ريمارڪس تي شاهد مسعود چيو ته آئون معافي ٿو گهران، ان تي جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته شاهد مسعود صاحب توهان معافي وارو چانس وڃائي چڪا آهيو، معافي جو وقت نڪري چڪو آهي، عوامي سطح تي تسليم ڪيو ته توهان غلطي ڪئي آهي. توهان معافي گهرو پوءِ ڏسنداسين ته ڇا ڪرڻو آهي ۽ توهان کي رپورٽ چيلينج ڪرڻي آهي ته هفتي تائين ڪيو، توهان اهو ذهن ۾ رکو ته قانوني نتيجا توهان کي ڀوڳڻا آهن. چيف جسٽس اينڪرپرسن کي لکت ۾ اعتراض جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ۽ گڏوگڏ خانگي ٽي وي چينل کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 12 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.11

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے