23 آچر , سيپٽمبر 2018

عورتن جي حقن جو عالمي ڏينهن ۽ اسان جون ذميواريون

عورت فطرت جي تخليق جو اعليٰ نمونو آهي، عورت انساني نسل جي واڌاري جي ضمانت آهي، عورت ڪائنات جي سونهن ۽ تخليق جو سرچشمو آهي. دنيا ۾ عورتن زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ پنهنجي صلاحيت کي مڃرايو آهي. آڳاٽي زماني کان وٺي باوجود، ڏاڍ ۽ جبر هيٺ زندگي گذاريندڙ عورتن سماجي  تبديليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

تاريخ جي ويجهڙائي واري زماني ۾ مارگريٽ ٿيچر کان آنگ سانگ سوچي تائين، شيخ حسينه کان بينظير ڀٽو تائين عورتن ملڪن جي سربراهي ڪندي پنهنجي صلاحيتن کي عالمي طور تي مڃرايو ۽ هر چئلنج جو مقابلو ڪري پنهنجو پاڻ ملهايو. زندگيءَ جي سمورن شعبن ۾ عورتن جو ڪردار انتهائي اهميت وارو رهيو آهي. زرعي سماج کان ويندي صنعتي سماج تائين عورت پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪري سماجي اڏاوت  ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. مالياتي ادارن کان ويندي تعليمي ادارن تائين سياست کان ويندي، سماجيات تائين، صحافت کان ويندي ادب تائين، فلم کان ويندي ٽيليوزن تائين، اسٽيج کان ويندي ريڊيو تائين عورتن پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملهائي پنهنجيون ذميواريون نڀايون آهن، عورتن جو عالمي ڏهاڙو سڀ کان پهرين روس ۾ 1913ع ۾ ملهايو ويو. 8 مارچ 1914جي آچر ڏهاڙي تي عورتن جو ڏينهن ملهايو ويو. 8 مارچ 1914ع  ۾ جرمنيءَ ۾ عورتن کي ووٽ جو حق ڏنو ويو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 8 مارچ تي عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ جي منظوري ڏني.

گڏيل قومن جا ميمبر ملڪ 8 مارچ تي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهائيندا آهن، دنيا جي نقشي تي آرمينيا وري اهڙو ملڪ آهي، جتي 8 مارچ کان 7 اپريل تائين پورو هڪ مهينو عورتن جي حقن جي حاصلات لاءِ ملهايو ويندو آهي.  جڏهن ته اسان جي ملڪ جي وڏن شهرن ۾ ڪجهه انساني حقن ۽ عورتن جي حقن جون تنظيمون عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ ريليون، جلوس ۽ جلسا ڪنديون آهن. مختلف شهرن ۾ ڪانفرنسون، واڪ۽ سيمينار به ڪرايا ويندا آهن پر عورتن جي حقن بابت جيڪا جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۽ سندن حقن جي بحالي ۽ حاصلات لاءِ لاڳو ڪيل قانونن تي عمل ڪرائي عورتن کي مڪمل طور تي معاشي ۽ سماجي آزادي ڏيارڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.  سڀ کان پهرين عورتن جي تعليم، هنر ۽ واپار ۾ انهن جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃڻ گهرجي. ان کانپوءِ سياست، سماج ۽ ملڪي ادارن ۾ عورتن جي شرڪت کي يقيني بنائڻ ۽ مذهبي طور تي عورت کي مليل تقدس جي بحالي ۽  قبوليت  ڪرڻ گهرجي، عورت کي گهر کان ويندي دنيا جي مڙني شعبن جي ڪم ڪار ۾ صلاحڪار ۽ ساٿي جيان ساڻس برابري جي بنياد تي ڪم ڪار جي ونڊ ورڇ ڪري، سندس صلاحيتن مان سماج ۽ ملڪ کي فائدو ڏيارڻ لاءِ عورتن جي همٿ افزائي ڪرڻ گهرجي، ڪنهن به ملڪ جي اڌ آبادي کي نظرانداز ڪرڻ، ملڪ جي مستقبل لاءِ انتهائي نقصانڪار عمل هوندو آهي.  اسان جي تجويز ۽ گهر  آهي ته ملڪ جي اڌ آباديءَ کي ڪارائتو بڻائڻ  ۽ انهن جي صلاحيتن کي ملڪ جي ڀلي لاءِ ڪتب آندو وڃي، خاص ڪري عورتن جي تعليم کي لازمي قرار ڏنو وڃي ۽ سندن تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. عورت کي سماج ۾ مان ۽ مرتبي سان زندگي گذارڻ لاءِ ماحول کي سازگار بڻايو وڃي. زراعت ۽ صنعت کان ويندي سمورن شعبن ۾ عورت جي صلاحيتن مان فائدو ورتو وڃي.

اسان جي ملڪ ۾ محترم فاطمه جناح، بيگم نصرت ڀٽو، محترم بينظير ڀٽو، بي بي درشهوار سيد، عاصمه جهانگير، نورالهديٰ شاهه، شمشاد اختر، ڊاڪٽر رٿ فائو، ارفع ڪريم رنڌاوا، مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر فهميده حسين، شيما ڪرماڻي، پروين شاهه جهڙيون عورتون به آهن. جن نه رڳو پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو پر عورتن جي حقن جي لاءِ اڻ ٿڪ جدوجهد به ڪئي. اسان جي ملڪ ۾ عورتن کي پنهنجي شعبن ۾ صلاحيتون آزمائڻ جو موقعو ملڻ گهرجي ۽ ملڪ جي مڙني ادارن ۾ عورتن کي نمائندگي ڏني وڃي ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي مان جاري ڪيل عورتن جي حقن واري چارٽر تي عمل ڪري عورتن جي حقن جي پاسداري ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ جو عورت سماج جي ساهه جي رڳ آهي، جيڪڏهن ساهه جي رڳ متاثر ٿيندي ته هي انساني سماج اڳتي وڌڻ بجاءِ پوئتي ڌڪجي ويندو يا جيئڻ بجاءِ مرڻ کي ويجهو ٿيندو ويندو.

ضرورت آهي، هڪ روشن خيال ۽ جئري جاڳندي سماج اڏڻ جي، جنهن لاءِ عورتن جو ڪردار نهايت ئي اهم آهي،  چيو ويندو آهي ته هر ڪامياب مرد جي پٺيان عورت جو ڪردار هوندو آهي، ان چوڻي کي هاڻي هن ريت عملي روپ ڏيڻ جي ضررورت آهي ته هر ڪامياب عورت جي پٺيان هڪ مرد جو ڪردار آهي.

مرداڻي سماج ۾ عورت کي برابريءَ وارا حق ۽ سماجي توڙي معاشي آزاديءَ ڏئي، هڪ پڙهيل لکيل، هنرمند، روشن خيال، سهپ ۽ رواداري، وارو نئون سماج اڏڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن، اها ئي اڄوڪي ڏينهن تي عورتن جي حقن جي گهرج آهي، وقت جي ضرورت آهي ته ملڪ جي اڌ آبادي پنهنجو ڪارائتو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿي. ان کي ملڪ جي معاشي بنيادن کي سگهارو بنائڻ ۽ خوشحال سماج اڏڻ واري نيڪ عملي ۾ ڀاڱيوار ڪري انساني حقن جي پاسداريءَ واري سوچ کي عملي روپ ڏنو وڃي ۽ عورتن سان پنهنجي ملڪ جي ترقيءَ لاءِ پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻڻ لاءِ ڀرپور نموني مدد ۽ سهڪار ڪيو وڃي. اها ئي عورتن جي عالمي ڏهاڙي ملهائڻ جي اهميت ۽ ضرورت آهي.

گڏيل قومن جي رپورٽ موجب، رڳو 11 سيڪڙو آمريڪي توڙي ٻين نجي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي ميٽرنٽي ليو، پگهار سميت ڏني ويندي آهي. جڏهن ته 81 سيڪرو عورتون ميٽرنٽي ليو جي موڪل کان محروم آهن. دنيا جا ڪيترائي ملڪ اهڙا آهن، جتي اڄ به عورتن جي تعليم کي ڪا به اهميت نٿي ڏني وڃي، اهڙي ريت اٽڪل 31 ملين ڇوڪريون اسڪولن کان ٻاهر آهن، اٽڪل دنيا جي ٽن حصن مان ٻه حصا عورتون تعليم جي نور کان محروم آهن، جيڪي هن روشن دنيا ۾ به  اونداهيءَ واري دور جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

هڪ تازي سروي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 66 ملين ڇوڪريون ڪلاسن کان ٻاهر آهن، هر ٽن سيڪنڊن ۾ دنيا اندر هڪ ڇوڪريءَ کي ننڍي عمر ۾ پرڻايو وڃي ٿو. هر پنجن ڇوڪرين مان چار  ڇوڪرين کي انساني اسمگلنگ  جو شڪار بڻايو وڃي ٿو. تازي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايوويو آهي ته هر سال دنيا ۾ 2 لک ستر هزار عورتن/ڇوڪرين کي جنسي ڏاڍائي جو شڪار ڪري کين ماريو وڃي ٿو. پنجن عورتن مان هڪ عورت کي گهريلو تشدد ڪري ماريو وڃي ٿو. دنيا جا مسلمان خاص ڪري ايشيائي مسلمان ۽ مرد عورتن جي معاملي ۾ لاپرواهه ڄاتا وڃن ٿا، ايڪويهين صديٰ ۾ پڻ پوئين اونداهي دور وانگي عورتن کي ڪاري ڪري ماريو پيو وڃي. عورتن سان صدين کان وٺي ناروا سلوڪ ڪيو پيو وڃي. دنيا جي اڌ آبادي کي فطري، انساني حقن کان محروم رکي سندن سماجي حيثيت کي تمام هيٺاهون درجو ڏنو ويو آهي.  عورتن جي معاشي ناڪابندي ڪري مالي طور تي کيس لاچار ۽ مجبور ڪري پنهنجي مرضي موجب هلائڻ لاءِ مٿن گهڻ رخيون پابنديون مڙهيون ويون آهن. عزت ۽ غيرت جي نالي سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ استحصال عورتن جو ڪيو  ويو آهي.

اسلام اچڻ کان پهرين عورتن کي ڄمندي ئي دفن ڪرڻ جون روايتون ملن ٿيون پر اسلام اچڻ کانپوءِ حضور پاڪ صه جن جي زماني ۾ عورتن جي عزت ۽ تقدس ۾ تبديلي آئي. اسلام جي اچڻ کانپوءِ نه رڳو عرب ۾ پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عورتن جي عزت ۽ وقار ۾ واڌارو ٿيو. عورت سموري دنيا ۾ پنهنجي عزت ۽ وقار، مان ۽ مرتبي سان زندگي گذارڻ جو فطري حق رکندڙ آهي، اسان جو انساني قانوني ۽ سماجي فرق ٿئي ٿو ته عورتن جي حقن جي پاسداري ۽ حاصلات لاءِ اڳتي وڌون ۽ عورتن جي حقن جي حفاظت ڪريون . سماج ۾ روشن خيالي، سهپ ۽ رواداري پيدا ڪرڻ ضروري آهي ته ملڪ جي اڌ آباديءَ کي سماجي اڏاوت ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ راهه ۾ ايندڙ رنڊڪن کي هٽائڻ لاءِ پنهنجون اخلاقي ذميواريون نڀائڻ لاءِ اڳتي وک وڌائڻ گهرجي ۽ اسان کي عورتن جي حقن جو احترام ڪرڻ گهرجي.

خميس 8  مارچ  2018ع،  19  جمادي الثاني 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ حڪومت جي بجيٽ ۽ مالي بحران جون شڪايتون

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے