24 آچر , جون 2018

ڪراچي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف تي پوليس ڪڙڪي پئي، ڪيترائي زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي احتجاج دوران پوليس ملازمن تي لٺبازي ۽ شيلنگ ڪندي ڪيترن ئي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سڄي سنڌ جي سرڪاري اسپتالن جي پيرا ميڊيڪل اسٽاف پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن دوران احتجاج ڪندڙن وزيراعليٰ هائوس وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس اهلڪارن کين منتشر ڪرڻ لاءِ شيلنگ ۽ لٺبازي شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس زخمي ملازمن سميت 50 ڄڻن کي گرفتار پڻ ڪيو. احتجاج دوران ملازمن پوليس اهلڪارن تي پٿراءُ به ڪيو، جنهن تي پوليس واٽر ڪينن جو استعمال به ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Announcement of the wealth of more billion rupees in the UK of Sharif family

شريف خاندان جي برطانيا ۾ وڌيڪ اربين رپين جي ملڪيت هئڻ جو انڪشاف

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) هڪ برطانوي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته نواز شريف خاندان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے