25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ايران، ترڪي فسادين جو اتحاد آهي: سعودي ولي عهد

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان هلندڙ مهيني جي آخر ۾ رياض ۾ ٿيل عرب سربراهي اجلاس مان قطر کي ٻاهر رکڻ بابت تاثر کي رد ڪري ڇڏيو آهي پر دوحا سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جو فيصلو طويل رهندو. مصري اخبار الشروق موجب محمد بن سلمان هلندڙ هفتي مصر جي دوري ۾ مقامي عهديدارن سان ملاقات دوران قطر کي عرب سربراهي ڪانفرنس مان ٻاهر نه ڪيو ويندو. سعودي اتحادين طرفان قطر تي هڪ الزام ايران سان لاڳاپن جي حوالي سان به هو جيڪو خطي ۾ سعودي عرب جو وڏو حريف ملڪ آهي ۽ ان تي يمن ۾ حوثي باغين جي مدد جو به الزام آهي. محمد بن سلمان چيو ته ايران، ترڪي ۽ دهشتگردن گروپن جو ٽي ڌريو وحشت ناڪ اتحاد آهي. سندس چوڻ هو ته سعودي عرب چاهي ٿو ته هڪ  پاسي ايران ۽ ٻئي پاسي روس ۽ شام جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن کي ختم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Trade war between the United States and China: another applied applies to tariffs

آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ واپاري جنگ: هڪ ٻئي جي شين تي ٽيرف لاڳو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) دنيا جي ٻن وڏين معاشي طاقتن آمريڪا ۽ چين هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے