18 سومر , جون 2018

نيوز: ھنڱورجا: ڪار جو ٽرالر سان ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 3 زخمي

ھنڱورجا ڀرسان قومي شاھراھ تي ڪار ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، حادثي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن تھ 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

قومي شاهراهه تي ڪراچي کان علي پور پنجاپ ويندڙ مھراڻ ڪار ٽرالر جي ٽڪر سبب  وڻ سان  ٽڪرائجي وئي، حادثي جي نتيجي ۾  محمد ۽  اڪمل  ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن تھ ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي پوليس ۽ مقامي ماڻهن زخمين ۽ فوتين کي کڻائي اسپتال پهچايو، جتان مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

 ٻئي پاسي  پوليس ٽرالر کي پنهنجي تحويل  ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن تھ آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نھ ٿي سگهيو……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

bulletin 7th 17-06-2018

شام ستين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-06-17

عمران خان  نادر ا چيئرمين کي هٽائڻ جون تياريون ڪري ڇڏيون عمران خان، شاهد خاقان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے