24 سومر , سيپٽمبر 2018

اينٽي بايوٽڪس نه کائو، هي قدرتي غذائون آزمايو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پوري دنيا ۾ اينٽي بايوٽڪ دوائون وڏي انگ ۾ استعمال ٿينديون آهن پر قدرتي طور تي ڪيتريون ۽ غذائون اينٽي بايوٽڪس جهڙو اثر رکن ٿيون. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايننٽي بايوٽڪس دوائون جي جاءِ تي قدرتي جزن جو استعمال ڪيو وڃي ته ان سان گهڻو فائدو ٿيندو آهي، ان ۾ پهريون نمبر ٿوم کي ڏنو پيو وڃي.

ٿوم: پوري دنيا ۾ بالخصوص کاڌن ۾ ٿوم جو وڏو مقدار استعمال ٿيندو آهي ۽ ان ۾ بيماريون کان بچڻ جي ڀرپور طاقت هوندي آهي،

ماکي: هزارين سال پهريان ماکي زخمن کي ٺيڪ ڪرڻ، توانائي جي حصو آهي ۽ ڪيترن ئي مرضن ۾ شفا لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. پاڪستاني ماهر ڊاڪٽر ڪامران عظيم ماکي ۾ زخم کي ڀرڻ وارا اهڙا جزا دريافت ڪيا آهن جيڪي زخم ۾ انفيڪشن ناهن ٿيڻ ڏيندا ۽ ان کي جلدي ٺيڪ ڪندا آهن

ادرڪ: سائنسي برادري ڄاڻي ٿي ته ادرڪ هڪ بهترين قدرتي بيڪٽريا نعمت آهن .78 ۾ سائنسي بنيادن تي اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته ادرڪ ڪيترن ئي قسم جا بيڪٽريا کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

لونگ: لونگ هزارين سالن کان ڏندن جي مرضن خلاف استعمال ڪيا پيا وڃن، هاڻي مارهن چيو آهي ته لونگ پاڻي ۾ اي ڪولائي سميت ڪيترن قسم جي بيڪٽريا کي سٺي طرح ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گذريل سال 10 ملين ماڻهو ٽي بي جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ جو انڪشاف

جنيوا (ويب ڊيسڪ) ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته 2017ع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے